خِرد کو غلامی سے آزاد کر
جوانوں کو پیروں کا استاد کر
(علامہ اقبال)
بلاول ڀٽو نئين نسل جي نمائندگي ڪندي “بابنکي فارغ ڪريو” جو نعرو ڇا هنيو جنهن تي ٿرٿلو اڃان مچڻ ئي شروع ٿيو هو جو جهانديده والد جي پدري رڳ ڦڙڪي پئي ۽ هن بلاول جي نيئن بيانيئي جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.اهو ڪو ذاتي جهگڙو نه هو، رڳو نقطه نظر جو اختلاف هو. بلاول پنهنجي ماءُ محترمه بينظير ڀٽو جي رستي تي هلڻ چاهي پيو ته زخم کاڌل آصف زرداري عمليت پسنديءِ کي نظر ۾ رکندي پنهنجي آخري مورچي سنڌ کي بچائڻ جي فڪر ۾ آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي مستقبل جو فڪر ڪري،ڀلي سنڌ به هٿ مان نڪري وڃي يا وري مقبوليت حاصل ڪرڻ بدران قبوليت جي سياست اختيار ڪري. سطحي طور تي ان کي گڊ ڪاپ،بيڊ ڪاپ جو نالو ڏنو پيو وڃي. پر آصف زرداري سمجهي ويو آهي ته سنڌ ۾ به سندس خلاف محاذ گرم ڪيو ويو آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري عوامي مقبوليت. جي زور تي ٻيهر پيپلزپارٽي کي فعال ڪرڻ تي اصرار ڪري رهيو آهي.
ڀٽوز جي تاريخ به ڏاڍي هنگامه خيز رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد شاهنواز ڀٽو کان بلڪل مختلف ۽ جذباتي طور تي پنهنجي ماءُ جي وڌيڪ ويجهو هو، غريبن سان وابستگي هن کي پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. فقط 51 سالن جي ڄمار ۾ هو وڏا ڪارناما ۽ هنگاما برپا ڪري ويو.ٽيهن سالن جي ننڍي عمر ۾ وزير بڻجڻ ۽ ڪامياب پرڏيهي وزير رهڻ بعد هن پنهنجي باس خلاف بغاوت ڪئي ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ اولهه پاڪستان جي پهرين وڏي پارٽي بڻائي ڪري، 1968ع جي عوامي تحريڪ جي زور تي ايوب آمريت جي طاقتور بت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ چونڊن ۾ وڏا وڏا برج ڊاهي ڪري، پهريون چونڊيل صدر ۽ ڪامياب وزيراعظم رهڻ کان پوءِ 51 سالن جي عمر ۾ شهادت جو جام نوش ڪري پنهنجو نالو تاريخ جي صفحن ۾ لکائي دنيا مان ڪوچ ڪري ويو. سندس ٻنهي پٽن فخر جوڳي والد جي لڄ رکڻ جي جهد ۾ قربانٿي ويا.
بهرحال بينظير ڀٽو پنهنجي حڪمت،بردباري، ذهانت ۽ حوصله مندي سان ڀٽي جي روايت کي هڪ نئين جمهوري جلا بخشي. بدلجندڙ وقت کي سمجهندي بي بي شهيد پيپلز پارٽيءَ کي جتي الذوالفقار جي شدت پسنديءَ کان پري رکيو اتي سماجي آزاد خيالي يعني سوشل لبرل ازم ۽ جمهوري رواداري ۽ پاسداريءِ کي هٿي ڏني ۽ عوامي حمايت سان جنرل ضياءُ الحق جي فوجي آمريت خلاف ڊگهي جمهوري جدوجهد کي اڳتي وڌايو. پر مقتدره هن کي هلڻ نه ڏنو ۽ هن جي ٻنهي حڪومتن کي چلتو ڪيو. پوءِ هن پنهنجي سڀ کان وڏي حريف نواز شريف سان ميثاق جمهوريت ڪيو ۽ 15 سالن تائين پارلياماني تسلسل کي بنياد فراهم ڪيو. هوءَ آخرڪار جنرل مشرف جي آمريت ۽ دهشتگرديءَ خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪئي وئي. بي نظير ڀٽو جي شهادت تي آصف علي زرداري پاڪستان “کپي” جو نعرو لڳائي پاڪستان بچايو پر پيپلز پارٽي کي عمليت پسنديءَ جي راهه تي آڻي ڇڏيو. ڀٽوز جي ڏکوئيندڙ پڄاڻيءَ مان سبق سکندي آصف زرداري جمهوري ٽرنزيشن کي وڏي هوشياري سان اڳتي وڌايو. سندس وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ هئي. هن سي پيڪ جي راهه هموار ڪئي، گوادر بندرگاهه جو انتظام چين جي حوالي ڪيو ۽ ايران سان گئس پائيپ لائين معاهدي کي عملي شڪل ڏني. پر پوءِ ميموگيٽ جي شڪل ۾ مقتدره سان سندس تڪرار سامهون اچي ويو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي جاءِ تي تحريڪ انصاف اچي وئي. پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي مقبوليت خود آصف زرداري جي ان عقلمندي سان به وڌي. جڏهن هن نواز شريف مخالف سياست جو ميدان عمران خان لاءِ خالي ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ آصف زرداري پنهنجي زال بينظير سان تمام گهڻو جذباتي طور جڙيل رهيو، پر بي بي جي عوامي سياست ۽ جمهوري آدرش سان هن خرد کي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ بدران بقا ۽ مفاهمت جي سياست جو رستو اختيار ڪيو. ايتري تائين جو هن بينظير جي تهذيبن ۾ سرچاءُ جي عالمي نظريي کي مقتدره ۽ حريف سياسي قوتن ۾ صلح لاءِ استعمال ڪيو. جيڪڏهن بي بي شهيد کي اهو تاريخي شعور هو ته دنيا ۾ سوشلزم جي لهر جهڪي ٿي چڪي آهي ۽ سرد جنگ ختم ٿيڻ واري آهي ۽ هن پنهنجي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏنو ته آصف علي زرداري، ڀٽوز جي انجام ۽ بي بي جي شهادت مان نهايت مختلف نتيجو ڪڍيو ۽ مفاهمت جي غير مقبول سياست ذريعي اقتدار ۾ حصيدار ته بڻيو، پر پيپلز پارٽيءَ جي عوامي حمايت وڃائي ويٺو. هاڻي جڏهن بلاول ڀٽو هڪ بالغ سياستدان بڻجي چڪو آهي ۽ هن پاڻ کي هڪ ڪامياب پرڏيهي وزير جي حيثيت سان مڃرايو ورتو آهي ۽ گذريل اسيمبليءَ ۾ هڪ ذهين اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان به پنهنجي شهرت قائم ڪئي آهي ته هاڻي هو پنهنجو رستو پاڻ طئي ڪرڻ چاهي ٿو. گهڻو ڪري پاڪستان جي موجوده سياستدانن ۾ بلاول سڀ کان وڌيڪ جمهوري، لبرل ۽ تعليم يافته نوجوان سياستدان آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن سوشل جمهوريت ڏانهن رجحان جو اظهار ڪري ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي جيالن ۽ ماڻهن جي دلين ۾ ڀٽو جي يادن کي اهو ئي گرمائي سگهي ٿو. پر مان حيران آهيان ته جڏهن به بلاول ڪو پاپولر ۽ عوامي بيانيئو ڏئي ٿو ته پراڻي شفقت کان مجبور آصف زرداري پنهنجي نرينه اولاد جي سلامتي لاءِ پريشان ٿي ڪري ان عوامي بيانيئي جي هوا ڪڍي ٿو ڇڏي. 35 ورهين جو بلاول ڀٽو هاڻي نه ته ٻار رهيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي پيءُ جي غير نظرياتي عمليت پسنديءَ کان متاثر آهي. هو سياست ۾ پنهنجو مقام خود پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن سندس والده پنهنجو رستو پاڻ چونڊيو هو. يقيناً پنهنجي پٽ جي سلامتي جي لاءِ زرداري صاحب جي فڪرمندي جائز آهي ۽ هو پنهنجي سياسي جوڙتوڙ سان ايندڙ بندوبست ۾ پنهنجي ڪا جاءِ بڻائڻ جي فڪر ۾ آهي ۽ ان جي ڳڻتي ڪرڻ بنا ته پيپلزپارٽي به مسلم ليگ (ن) وانگر ڪنگزپارٽي ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ ڪاهي پئي. هن وقت ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي خلاف مهم هلي رهي آهي ۽ عمران خان کي سياست کان ٻاهر رکڻ لاءِ هائبرڊ نظام دوئم جو ٻج پوکيو پيو وڃي.جنهن ۾ ن ليگ سڀني کان اڳيان نڪري وئي آهي.ته پيپلزپارٽي به ان موقعي پرستي جي چال جي نذر ٿي وڃي.منهنجي خيال ۾ ته سمورن بابن کي نئين نسل جي لاءِ رستو ڇڏي ڏيڻ گهرجي.ڇاڪاڻ جو پنهنجي مار کاڌل پذيرائي جي بحالي جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. ميان نواز شريف کي به پاڻ کان وڌيڪ پاپولر مريم نواز جي رستو ڇڏڻ گهرجي ۽ آصف زرداري کي پڻ بلاول ڀٽو جي آزاد جمهوري سياست کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز هڪ مجبوري هئي، ٽرپل پ پ پ کي پنهنجي منشور سان تلوار جي نشان سان سامهون اچڻ گهرجي. ڪو ته جمهوري ۽ عوام دوست ايجنڊا جو محافظ بڻجي. زمانو بدلجي ويو آهي، نئون نوجوان نسل سامهون اچي ويو آهي ۽ اهو وقت اچي ويو آهي ته هاڻي “نوجوان کي پنهنجي پيرن جو استاد ڪري”
35 ورهين جو بلاول ڀٽو هاڻي نه ته ٻار رهيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي پيءُ جي غير نظرياتي عمليت پسنديءَ کان متاثر آهي. هو سياست ۾ پنهنجو مقام خود پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن سندس والده پنهنجو رستو پاڻ چونڊيو هو. يقيناً پنهنجي پٽ جي سلامتي جي لاءِ زرداري صاحب جي فڪرمندي جائز آهي ۽ هو پنهنجي سياسي جوڙتوڙ سان ايندڙ بندوبست ۾ پنهنجي ڪا جاءِ بڻائڻ جي ڳڻتي ۾ آهي ۽ ان جي فڪر ڪرڻ بنا ته پيپلزپارٽي به مسلم ليگ (ن) وانگر ڪنگزپارٽي ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ ڪاهي پئي.