جبري گمشدگين ۾ رياست جو ڪو به ادارو ملوث ناهي: نگران وزير اعظم

اسلام آباد ( م ڊ )نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جا سمورن سياسي پارٽين سان بهتر لاڳاپا آهن، اها ڳالهه درست ناهي ته ليول پلينگ فيلڊ ناهي، حڪومت شفاف چونڊون يقيني بڻائيندي. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڪيورٽي چئلينجز اڳ کان وڌيڪ آهن پر ان کي سياسي عمل سان نه ڳنڍيو وڃي. عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ محرومين جو ڪارڊ استعمال ڪيو ويندو آهي، چونڊن ۾ پنهنجو فرض بهتر نموني نڀائينداسين.سرفراز بگٽي جي بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته مان سندس بيان نه ٻڌو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن هڪ بيان جي بنياد تي نگران سيٽ اپ تي سوال نه ٿو ٿي سگهي. وزير اعظم چيو ته عمران خان خلاف سليڪٽڊ جو الزام رياستي ادارن جي سهڪار سبب لڳندو هو، پوءِ شهباز شريف ۽ هاڻي اسان بابت اهو ئي چيو پيو وڃي ته رياست جي حمايت آهي، تنهن ڪري منهنجو سوال آهي ته  ڇا ادارا ڀارت جي سپورٽ ڪري رهيا آهن يا پاڪستان جي؟  گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچ ويڙهاڪ مزدورن ۽ استادن کي قتل ڪن ٿا، عدالت کين به طلب ڪري، هو 29 نومبر تي پرڏيهه ويندا، تنهن ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ ممڪن ناهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جبري گمشدگين ۾ رياست جو ڪو به ادارو ملوث ناهي. لشڪر بلوچستان ۽ بي ايل اي ۽ ٻيون تنظيمون جيڪي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري رهيون آهن ڪنهن کي نظر ڇو نٿو اچي؟  انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عمران خان جي ٽرائل جي معاملي تي عدالت جيڪي حڪم جاري ڪيا آهن.  ان تي عمل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.