ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس، شاهد منظور چانڊيو کان آڏي پڇا

دادو(رپورٽ:غوث جهتيال) ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج حافظ عطاءُ الله شيخ جي عدالت ۾ ٿي، ام رباب چانڊيو ۽ ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ڪيس جو شاهد منظور چانڊيو گڏ عدالت پھتا، برھان چانڊيو پرڏيھه ۾ ھجڻ سبب اڄ به ٻڌڻي تي نه پهچي سگهيو، ان جي وڪيل پاران ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته برهمان خان چانڊيو پنهنجي نياڻي جي علاج خاطر ايمرجنسي بنيادن تي ملڪ کان ٻاهر علاج لاءِ ويل آهي گرفتار جوابدارن ۾ علي گوھر چانڊيو، ذولفقار، مرتضيٰ، سڪندر چانڊيو کي جيل مان عدالت ۾ آندو ويو، ڪيس جي شاھد منظور چانڊيو کان الزام ھيٺ آيل ڌر جي وڪيل پاران آڏي پڇا جو سلسلو جاري رهيو، عدالت ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو ڪو به ڀوتارن سان راڄوڻي نبيرو نه پيو ٿي ۽ اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي، منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو مان پراميد آهيان ته عدالتون هن ڪيس ۾ اسان سان انصاف ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.