سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊ، صدارتي سيٽ تي ريحان عزيز ملڪ سوڀارو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن،  صدارتي سيٽ تي ريحان عزيز ملڪ 1626 ووٽ کڻي ميدان ماري ورتو جڏهن ته ايڊووڪيٽ وهاب بلوچ کي 631 ووٽ مليا ۽ ايمل ڪاسي 1200 ووٽ کڻي سگهيو. نائب صدر جي عهدي تي زبير احمد ابڙو 1600 ووٽ کڻي سوڀارو ٿيو، ايڊووڪيٽ فرحان ضياءَ 1044 ۽ محمد آزاد کي 688 کڻي سگهيا. جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي بئريسٽر  سرفراز مٽل 2129 ووٽ کڻي اڳڀرو رهيو، طاهره راشد رضوي 1197، عشرت غزالي 63 جڏهن ته محمد اجمل اعواڻ 49 ووٽ حاصل ڪيا. خزانچي جي سيٽ تي محمد حڪيم شر 1895 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو، محمد ياسين شاهد 1312 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. جوائنٽ سيڪريٽري جي سيٽ تي غلام اصغر پٺاڻ 1748 ووٽ کڻي فتح ماڻي،  فيصل احمد 434 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته محمد ساجد عباسي 1243 ووٽ حاصل ڪيا. ايڊيشنل جوائنٽ سيڪريٽري جي عورتن جي مخصوص سيٽ تي گلناز ڪوثر 1179 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. جڏهن ته فائقه امين 884، فوزيه مشتاق 441، محموده سلمان 435، رخشنده وحيد 221 ۽ سهرينا رفيق 230 ووٽ کڻي سگهيون. عامر رضا، عدنان علي، امجد حسين، عشرت صديقي، محمد علي، محمد اقرار، محمد نعيم ۽ زيب النساءَ کي مئنيجنگ ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.