فوج کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ ٻن رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي سزا

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج، فوجي اهلڪارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ ٻن رٽائرڊ فوجي آفيسرن ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر جي طرفان جاري پريس رليز مطابق ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن کي فرضن جي ادائيگي ۽ جاسوسي متعلق آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923ع جي شقن جي ڀڃڪڙي ۽ رياست جي تحفظ ۽ مفاد لاءِ منفي ڪم ڪرڻ تي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل (ايف جي سي ايم) جي ذريعي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق مجاز دائره اختيار جي عدالت 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023ع ٻنهي جوابدارن کي مناسب عدالتي عمل ذريعي ڏوهي قرار ڏيندي فيصلو ٻڌايو جنهن مطابق ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي 12 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. سزا تحت 21 نومبر 2023ع تي ٻنهي آفيسرن جا رينڪ ضبط ڪيا ويا. واضح رهي ته اڳوڻو آرمي آفيسر عادل راجا گذريل سال پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي واري رٿ ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد برطانيا هليو ويو هو. ميجر رٽائرڊ فاروق راجا لنڊن پهچڻ کانپوءِ به پنهنجي يوٽيوب چينل ذريعي پاڪ فوج تي تنقيد ڪندو رهيو.عادل فاروق راجا برطانيا ۾ رهڻ دوران پاڪستان جي موجوده سياسي ۽ فوجي قيادت تي سخت تنقيد ڪندو رهيو هو ۽ اهڙا الزام وڌڻ بعد هن برطانيا ۾ مٿس هتک عزت جي دعويٰ به داخل ڪرائي هئي.برطانيه ۾ سندس خلاف شڪايتون ۽ دعوائون داخل ٿيڻ بعد، هن پنهنجي ڪيترن ئي دعوائن کي به واپس ورتو.حيدر رضا مهدي به وي لاگ ٺاهيندو آهي ۽ هو عادل راجا سان گڏ وي لاگ به ڪندو رهيو آهي.ڪيپٽن رٽائرڊ سيد حيدر رضا مهدي پاڪ فوج جو اڳوڻو آفيسر آهي. سندس پيٽريان اڪائونٽ موجب، هو هڪ ’پاڪستاني-ڪينيڊين جيو پوليٽيڪل تجزيه نگار آهي.هو پنهنجي باري ۾ لکي ٿو ته پنهنجي وي لاگز، لکڻين ۽ انٽرويوز ذريعي هو پاڪستان ۾ آزادي ۽ جمهوريت جي حمايت ڪري ٿو جيڪا فوجي فاشزم ۽ فوج جي حمايت يافته ڪرپٽ سياستدانن کان پاڪ هجي،9 مئي تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ اسلام آباد پوليس هلندڙ سال 12 جون تي پرڏيهي صحافين شاهين صهبائي ۽ وجاهت سعيد خان سميت عادل راجا ۽ سيد حيدر رضا مهدي خلاف سڄي ملڪ ۾ فوجي اڏن تي ماڻهن کي حملي لاءِ ڀڙڪائڻ جي شقن تحت ڪيس داخل ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.