مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ کليل گٽر معصوم ٻارڙيءَ کان حياتي کسي ورتي، ڌرڻو

ملير کوکراپار (رپورٽ: جميل چانڊيو/عنايت قمبراڻي) گڏاپ ٽائون جي يوسي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ کليل گٽر ۾ معصوم ٻارڙي ڪري فوت، علائقي واسين جو احتجاج، گڏاپ ٽائون جي يوسي مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ کليل گٽر ۾ معصوم گلڙن جهڙي ٻارڙي ٻن ورهين جي مسڪان ولد وزير ميمڻ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، پاڙي وارن ٻارڙي جو لاش گٽر مان ڪڍي ورتو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي واسين گٽرن جا ڍڪڻ نه هئڻ سبب گڏاپ ٽائون انتظاميه خلاف احتجاج پڻ ڪيو، فوت ٿي ويل ٻارڙي جي جنازي نماز ۾ علائقي واسي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول رهيو،ميمڻ ڳوٺ ۾ 14 آگسٽ تي پڻ گٽر جا ڍڪ نه هئڻ سبب هڪ معصوم نينگر پڻ ٻڏي فوت ٿي ويو هو، يوسي مراد ميمڻ جي وائيس چيئرمين سليم ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي تي افسوس ٿيو آهي مين هول نه هجڻ جي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڪمپلين آئي هئي اسان جي سستي آهي ميمڻ ڳوٺ منهنجو گهر آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.