بلاول ڀٽو پاران باهه واقعي جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ شاپنگ مال ۾ باهه جي واقعي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته افسوسناڪ واقعي ۾ زخمي ٿيل شهرين کي بهتر علاج جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن، هن وڌيڪ چيو ته واقعي جي فوري جاچ ڪرائي وڃي ۽ آئنده اهڙي طرح جي واقعن جي روڪٿام کي به يقيني بڻايو وڃي.

صحافي رزاق عاصي جو پٽ ۽ سالو به سڙي زخمي

ڪراچي: ڪراچي گلستان جوهر راشد منھاس روڊ تي شاپنگ مال ۾ لڳل باھ ۾ سينيئر صحافي رزاق عاصي جو پٽ عاطف ڀٽي ۽ سندس سالو قيوم ڀٽي باھ ۾ سڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو آهي.

ٻي منزل تي رات دير سان باهه لڳي:ڊي سي اوڀر

ڪراچي : ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ الطاف شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته لڳ ڀڳ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته ٻي منزل تي رات دير سان باهه لڳي جنهن بعد ٽين ۽ چوٿين منزل کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. دونھين سبب ريسڪيو عملدارن کي آپريشن ۾ ڏکيائيون پيش آيون، هنن چيو ته 6 ماڙ عمارت ۾ باهه وسائڻ جو ڪو به نظام نه هو. عمارت کي هر طرف کان بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته وينٽيليشن جو ڪو به مناسب بندوبست ناهي. هن چيو ته جنريٽر مان باهه لڳڻ واري ڳالهھ  درست ناهي.

شاپنگ سينٽر جو نقشو فيصل ڪنٽونمينٽ بورڊ منظور ڪيو

ڪراچي : فائر ريسڪيو ڪمانڊر ڪراچي ھمايون خان جو چوڻ آهي ته شاپنگ مال ۾ باھ امڪاني طور تي شارٽ سرڪٽ جي سبب لڳي آهي، شاپنگ سينٽر ۾ باھ وسائڻ جو نظام موجود نه ھو. ان جو چوڻ آهي ته شاپنگ سينٽر ۾ ڪال سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي، 50 ماڻھو کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين باھ سان متاثر شاپنگ مال جو دورو ڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثرشاپنگ سينٽر فيصل ڪينٽونمنٽ بورڊ جي حد ۾ اچي ٿي شاپنگ سينٽر جو نقشو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور ناھي ڪيو.

عمارت ۾ ڪو به ايمرجنسي گيٽ نه هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي : چيف فائر آفيسر اشتياق احمد شاپنگ مال ۾ باھ لڳڻ جي واقعي تي انڪشاف ڪيو آهي ته ھنگامي صورتحال ۾ عمارت مان ٻاھر نڪرڻ جو ڪو به رستو ناھي عمارت ۾ باھ وسائڻ جا آلات نه هئا نه ۽ ھنگامي صورتحال ۾ عمارت کان ٻاھر نڪرڻ جو ڪو به رستو ھو. اشتياق احمد جو چوڻ آهي ته شاپنگ مال جي مٿين منزل تي خانگي آفيسون قائم آهن. ٻي کان پنجين منزل تائين نقصان پھتو آهي .

هن عمارت ۾ ٻيو ڀيرو باهه لڳي آهي:فائر آفيسر

ڪراچي : فائر آفيسر مبين احمد جو چوڻ آهي ته هن عمارت ۾ ٻيو ڀيرو باهه لڳي آهي، ساڳئي عمارت ۾ 2 سال اڳ به باهه لڳي هئي، بجلي بند ڪرڻ سبب اونداھ ٿي وڃي ٿي اهڙي صورتحال  ۾ عام ماڻهو خوفزده ٿي وڃن ٿا ۽ افراتفري جو ماحول بڻجي وڃي ٿو . چيف فائر آفيسر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ بعد معلوم ٿيندو ته فائر سيفٽي جو سامان هو يا نه. ڪولنگ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.

آءِ جي سنڌ پاران ريسڪيو جي هدايت

ڪراچي : گلستان جوهر ۾  راشد منھاس روڊ تي لڳل باھ جو آءِ جي سنڌ راجا رفعت مختار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کي ريسڪيو جي هدايت جاري ڪري ڇڏي، هن چيو ته  شاپنگ مال ۾ ڦاٿل سمورن شهرين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سمورن ريسڪيو قدمن کي يقيني بڻايو وڃي روڊ کي ڪليئر رکيو وڃي جيئن فائر برگيڊ عملي جي گاڏين کي رستو ملي سگهي زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو وڃي.

عمارت مان سمورا لاش ڪڍيا ويا

ڪراچي : ڊائريڪٽر سنڌ ريسڪيو ڊاڪٽر عابد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمارت مان 6 لاش ڪڍيا ويا آهن، باهه جو اطلاع صبح ساڍي 6 ڏنو ويو، گاڏيون 6:45 تائين پهچي چڪيون هيون. ڊاڪٽر عابد شيخ جو چوڻ هو ته 10 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهيجڏهن ته متاثر عمارت مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي بچايو ويو آهي پر چوٿين فلور کان ڇهين منزل تائين باهه وسائڻ جو عمل جاري آهي.

ڪمشنر ڪراچي پاران متاثر شاپنگ مال جو دورو، جاچ جو حڪم

ڪراچي : ڪمشنر ڪراچي راشد منھاس روڊ تي باھ متاثر شاپنگ مال جو دورو ڪري انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو آهي،هن جو چوڻ آهي ته جن عمارتن ۾ حفاظتي انتظام ناھن انھن کي سيل ڪيو وڃي ، اڄ کان تمام ڊي سيز پنهنجي علائقن جي عمارتن جي ڊيٽا گڏ ڪندا. 30 ڏينهن ۾ رڪارڊ جمع ٿيڻ بعد ڪاروايون ڪيون وڃن. ڪمشنر چيو ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.