مون کي هٽائي ٻئي کي آڻيندڙ ملڪ جي تباهي جا ذميوار آهن: نوازشريف

سيالڪوٽ (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان کي هٽائي ڪنهن کي آندو ويو؟ اهڙو ماڻهو آڻيندڙ اوترا ئي ذميوار آهن، جيترو هو پاڻ آهي، آئي ڏينهن وزيراعظم بدلائڻ، جيل ۽ ملڪ بدري سان ملڪ ڪيئن هلندو؟سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب دوران نواز شريف چيو آهي ته 2017ع ۾ سازش ڪري نواز ليگ جي چڱي ڀلي حڪومت ختم ڪئي وئي، اسان جي حڪومت ختم نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ سگهارو هجي هاهن چيو ته ججن کي ڪهڙي ضرورت هئي سازش جو حصو ٿي ملڪ کي ڪهاڙو هنيو، چونڊن ۾ ڦيرگهير ڇو ڪئي ۽ آر ٽي ايس کي ڇو ويهاريو؟نواز شريف چيو ته 70 سالن کان هن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، الله نه ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ سان اهو ٿئي، اسان وٽ هاڻي غلطي جو موقعو ناهي، اڃا به سبق نه سکيو ته علامه اقبال چواڻي داستانن ۾ اسان جو ذڪر نه هوندو،هن چيو ته ملڪ ۽ قوم کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنداسين، تمام جلد ملڪ کي اونداهين مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين، عوام کي مهانگائي، غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آهي، اسان کي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ دليري ۽ بهادري سان فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته آئون پنهنجي قوم سان وفا نڀائي رهيو آهيان، اسان کي هروڀرو سزائون ڏنيون پيون وڃن، منهنجي اقتدار جو دور ڏسو ۽ منهنجي قيد ۽ بند جون سختيون ڏسو ۽ اقتدار گهٽ ۽ سزائن جو دور وڌيڪ آهي ان جي باوجود آئون مايوس ناهيان ۽ نه ئي اوهان کي مايوس ٿيڻ ڏيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.