واٽس ايپ آگسٽ 2021ع ۾ تصويرن ۽ وڊيوز جي پرائيويسي ۽ ايپ جي ميموري کي بچائن لاءِ ”ويو ونس“ جو فيچر متعارف ڪرايو هو.
ان فيچر تحت موڪليل تصوير يا وڊيو هڪ ڀيرو کڻ کان پوءِ چيٽ مان مڪمل طور تي غائب ٿي ويندي آهي.
هيل تائين اها سهولت رڳو موبائيل ايپ لاءِ دستياب هئي، پر هاڻي ان فيچر کي ڊيسڪ ٽاپ ۽ ويب ورجن لاءِ به متعارف ڪرايو ويو آهي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ جي ويب ورجن ۽ ڊيسڪ ٽاپ تي اهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
جڏهن به ڪو واهپيدار ويب يا ڊيسٽ ٽاپ تي تصوير يا وڊيو اپ لوڊ ڪندو ته اتي 1 جو آئڪون نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪري ميسيج کي ويو ونس جي طور تي موڪلڻ ممڪن هوندو.
ان فيچر سان واهپيدار اهڙا پيغام موڪلي سگھندا جيڪي هڪ ڀيرو ڏسڻ کانپوءِ پاڻمرادو غائب ٿي ويندا.
ان فيچر سان واهپيدارن کي حساس ڄاڻ جهڙوڪ پاسورڊ يا ڪريڊ ڪارڊ جا تفصيل وغيرا شيئر ڪرڻ جو موقعو ملدو ۽ ليڪ ٿيڻ جو خطرو به نه هوندو.
واضح رهي ته هن وقت واٽس ايپ ۾ ويو ونس تحت موڪلي ويندڙ تصوير ۽ وڊيوز جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻ ممڪن ناهي.
رپورٽ موجب اهو نئون فيچر ڊيسڪ ٽاپ ۽ ويب ورجن جي ڪجه واهپيدارن کي دستياب آهي جڏهن ته جيئن جو تيئن سڀني واهپيدارن لاءِ ان کي متعارف ڪرايو ويندو.
You might also like