برطانيا گند کڻڻ جو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو، ان جي شروعات ڪيئن ٿي؟

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) برطانيه ٽوڪيو ۾ ٿيل گند کڻڻ جو افتتاحي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
ان ورلڊ ڪپ ۾ 21 ملڪن حصو ورتو جن ۾ آمريڪا، جاپان، برطانيا، آسٽريليا ۽ فرانس جهڙا ملڪ شامل هئا.
اسپوگومي ورلڊ ڪپ جو مقصد ماحولياتي تحفظ ۽ خاص طور تي سمنڊ ۾ لڙهندڙ پلاسٽڪ جي گند کي گھٽائڻ بابت شعور اجاگر ڪرڻ هو.
اسپو گومي انگري لفظ اسپورٽس ۽ جاپاني لفظ گومي کي گڏائي ٺاهيو ويو آهي، گومي جو مطلب گند آهي.
مقابلي ۾ حصو وٺندڙن کي 90 منٽن جو وقت ڏنو ويو جنهن ۾ ڏسڻو هو ته ان دوران سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي ملڪ جي اميدوارن گند کنيو، مقابلي جي ٻن رائونڊز ۾ گهٽين مان گند کنيو ويو ۽ پوءِ ان گند جي ڇانٽي ڪري ان کي مناسب ڪيٽيگريز ۾ ترتيب ڏيڻ شامل هو.
رانديگرن کي گند کڻڻ جي هر سيشن کان پوءِ 20 منٽن جو وقت ڏنو ويو ته جيئن گند کي مختلف زمرن ۾ درست طريقي سان ترتيب ڏين جهڙوڪ ساڙڻ جوڳو گند، ري سائيڪل پلاسٽڪ جون بوتيلون، ڌاتو جا ڪين، سگريٽن جا دٻا وغيرا.
ان مقابلي ۾ برطانيا جي ٽيم ”دي نارٿ ول رائز اگين، 57.27 ڪلو گند گڏ ڪيو ۽ 9046.1 پوائنٽس حاصل ڪري ميزبان ٽيم جاپان کي شڪست ڏئي گند کڻڻ جو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 1950 جي ڏهاڪي کان هيل تائين 8.3 بلين ٽن کان وڌيڪ پلاسٽڪ تيار ٿي چڪي آهي، ۽ ان کي گھڻو ڪري زيان ڪري پاڻي، مٽي ۽ سمنڊ ۾ لوڙهيو ويندو آهي.
گند کڻڻ جو ورلڊ ڪپ ڪيئن شروع ٿيو؟
اسپوگومي جيڪو گند لاءِ جاپاني لفظ جو ميلاپ آهي، اهو ايونٽ 2008ع ۾ جاپان ۾ شروع ڪيو ويو هو ته جيئن ماڻهن کي عوامي هنڌن تي گند کڻڻ جي ترغيب ڏئي سگھجي.
ان ايونٽ سڄي ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ مقابلي انتظاميا هن سال جاپان ۾ تقريبن 230 مقابلا رٿيا آهن.
ورلڊ ڪپ جي انتظاميا موجب ايندڙ ورلڊ ڪپ 2025ع ۾ ٿيندو اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ ملڪ ٽوڪيو ۾ ٻيهر گڏ ٿيندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.