ڪراچي: شاپنگ سينٽر ۾ لڳل باهه جو ڪيس داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شاپنگ مال ۾ 11 قيمتي حياتيون زيان ڪندڙ باهه واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي موجود نجي شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو باهه لڳي وئي هئي، سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ مال جي انتظاميا، بلڊر، نقشو منظور ڪندڙ آفيسر ۽ فائربرگيڊ سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
ڪيس ۾ قتل، لاپرواهي ۽ نقصان رسائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ آر موجب عمارت جو نقشو غير قانوني طريقي سان منظور ڪيو ويو، عمارت ۾ باهه وسائڻ جا اوزار ۽ هنگامي خارجي رستو به نه هو.
ان کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ فائر برگيڊ ناقص مٽيريل جي باوجود اين او سي جاري ڪئي جنهن جي ڪري انهن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.