تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کانپوءِ ايران به افغان پناهگيرن لاءِ سخت قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
افغان ميڊيا موجب ايران مان بي دخل ڪيل افغانين جو چوڻ هو ته پاسپورٽ ۽ ويزا هجڻ باوجود کين ايران مان ڪڍيو ويو.
ان کانسواءِ ڪجهه افغانين ٻڌايو ته ايراني اهلڪارن ڪجهه افغاني شهرين جا پاسپورٽ ۽ ويزا ڦاڙي زبردستي کين ملڪ مان بي دخل ڪيو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستاني حڪومت ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر جي ڊيڊ لائين ڏني هئي.
جنهن کا پوءِ پاڪستان مان بي دخل ڪيل افغانين جو انگ 2 لک کان ٽپي ويو آهي.
Next Post
You might also like