واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پيش آيل انوکو واقعي کي ڏسي طبي ماهر به دنگ رهجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا ۾ هڪ 63 ورهين جي شخص پنهنجي معمول جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڊاڪٽرن وٽ ويو جتي ڊاڪٽر سندس آنڊي جي ڪالون اسڪوپي ڪئي.
ڪالون اسڪوپي ڪيمرا جي مدد سان آنڊي جي اندروني حصي جي معائني کي چوندا آهن.
ڊاڪٽرن موجب وڏي آنڊي جي ڪالون اسڪوپي بلڪل درست ٿي رهي هئي ته اوچتو ڪيمرا عجيب شيءِ ڏيکاري جنهن کي ڏسي ڊاڪٽر به حيران ٿي ويا.
آمريڪن جرنل آف گيسٽرول اينٽرولوجي موجب ڊاڪٽر مرِيض جي آنڊي مک کي ڏٺو جنهن کي ڏسي نه رڳو ڊاڪٽر پر مريض پاڻ به پريشان ٿي ويو.
مريض طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هن ڪالون اسڪوپي ماهرن پاران ڏسيل مڪمل احتياط ڪيو هو ۽ رڳو نرم خوراڪ ئي استعمال ڪئي هئي جڏهن ته مريض موجب هن غلطي سان به مک ناهي ڳيهو.
رسالي ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ڪالون اسڪوپي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عجيب ڪيس سامهون آيو آهي ته مک آنڊي ۾ هڪ ئي هنڌ ڦاٿل هئي ۽ مُئل حالت ۾ هئي.
ڊاڪٽرن چيو ته مکي آنڊي تائين پهتي ڪيئن اهو به هڪ حل طلب معاملو آهي.
ڊاڪٽرن طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آلودا کاڌو کائٻڻ سبب ڪجهه مريض اهڙا به آيا جن جي پيٽ ۾ مکي جا بيضا به مليا حيانءُ ڪچو ٿيڻ، پيٽ جو سور ۽ پيٽ خراب ٿيڻ جهڙن مسئلن منهن ڏنو جڏهن ته ان ڪيس ۾ ته مريض کي ڪنهن قسم جي ڪا به شڪايت نه هئي.
ڊاڪٽرن سڀني ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته کاڌي کي سٺي طرح ڏسي کائو ۽ ڀاڄين، ميون کي ڌوئي استعمال ڪريو.