چارسده ( م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اهڙين چونڊن کان بهتر آهي ته نگران جيان نواز شريف جي وزارت عظميٰ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي کان اڳ اسد قيصر جو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اسد قيصر کي ڳلي ۽ سيني ۾ معمولي سور آهي. بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اسد قيصر چيو ته چونڊن لاءِ پيدا ٿيل ماحول ڪنهن به صورت ۾ آزاد ۽ منصفاڻو ناهي، اسان تي سيليڪٽڊ جو الزام مڙهيندڙ مخالف ڌر پاڻ سيليڪٽڊ پلس ٿي وئي آهي، هن ماحول ۾ چونڊون ٿيون ته ڪير به تسليم نه ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ خلاف سڀ ظلم ۽ جبر نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نوازشريف کي وزيراعظم بڻائڻو آهي ته پوءِ چونڊن جي ڪا ضرورت ناهي. اسد قيصر چيو ته پارٽي جي قانوني ٽيم پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن واري معاملي کي ڏسي رهي آهي.