اسلام آباد (م ڊ) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي ڪنوينر محمود احمد ساغر چيو آهي ته مودي حڪومت ۽ ان جي قابض فوج والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پنهنجي رياستي دهشتگرديءَ کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محمود احمد ساغر اسلام آباد ۾ جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارتي فوجي والاريل علائقي ۾ گهيري ۽ تلاشيءَ جي نام نهاد ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران بيگناهه ڪشميري نوجوانن کي قتل ۽ گرفتار ڪري رهيا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ پنهنجي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيو آهي پر هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن به دٻائي نٿو سگهي. هن چيو ته ڪشميري شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. محمود احمد ساغر ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته ڀارتي فوجي والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪشميري نوجوانن کي قتل ڪري رهيا آهن.
جيل سڌارا ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي: اعجاز احمد قريشي
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني م سمورن صوبن ۾ جيل سڌارن جو عمل تيز ي سان جاري آهي، سنڌصوبي جي جيلن ۾ قيدين کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن ۽ 14 جيلن ۾ بايوميٽرڪ سسٽم لڳايو ويو آهي. وفاقي محتسب مان جاري پريس رليز موجب هن اهي هدايتون سنڌ جي چيف سيڪريٽري سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي جيل ۽ وفاقي محتسب جي سينئر ايڊوائيزر انور حيدر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي محتسب جيلن ۾ قيدين سان زوم ذريعي آن لائن ملاقات جي انتظام کي ساراهيندي چيو ته ان سان قيدين جا عزيز ۽ رشتيدار گهر ويٺي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون ذريعي ملاقاتون ڪري سگهندا. وفاقي محتسب ٻڌايو ته جيل سڌارن تي عملدرآمد جون 15 رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيون ويون آهن جڏهن ته جلد 16 هين رپورٽ به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي سنڌ صوبي جي آءِ جي جيل کاتي کي هدايت ڪئي ته صوبي جي باقي جيلن ۾ به بايوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ ۽ ٺٽي ۾ جيل جي تعمير جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.
بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان
ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ ڪڪر ڇانيل رهندا ۽ موسم ٿڌي رهندي، بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ گرمي پد ڪاٽو ۾ اچي ويو، گهٽ کان گهٽ گرمي پد ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ ان دوران ڪجهه هنڌن تي برفباري به ٿي سگهي ٿي، ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾ موسم جهڙالي آهي، ڪوئيٽا شهري ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 2 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، اهڙي طرح نوڪنڊي 10، گوادر 16، جيوڻي 15، سبي 11 تربت ۾ گهٽ کان گهٽ 14 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران نوڪنڊي، چاغي، دالبندين، قلات، خضدار، نوشڪي، واشڪ، خاران، پنجگور، ڪيچ، تربت، پسني، مڪران، گوادر ۽ جيواڻي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر بلوچستان ۾ ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.
سکر ۾ پريا ۽ ٻين مغوين جي آزادي واري تحريڪ جاري، اقتدار ڌڻي خاموش
سکر (رپورٽر)سکر ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ کي 52 ڏينهن مڪمل، پوليس سميت ڪنهن به سرڪاري نمائندي رابطو نه، انساني حقن جون تنظيمون به خاموش رهيون سکر پريس ڪلب اڳيان پريا ڪماري رھائي ڪميٽي پاران پريا ڪماري، علي اصغر مڱريو، اسلام الدين سومرو، علي حسن ميمڻ سميت سنڌ مان اغوا ٿيل سمورن مغوين جي آزادي لاءِ احتجاج کي 52 ڏينھن مڪمل ٿي ويا، رات ڏينهن جاري رکيل احتجاج ۾ مغوين جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي ڪئمپ تي سيٺارجا کان آيل طالب سھتو، مير افضل سھتو، اعجاز سھتو سول سوسائٽي کان آيل فراز ڀٽو، مبين سولنگي ۽ جمعيت علماءِ اڳواڻ محمد صلاح انڍڙ پنھنجي جماعت سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته اسان جي احتجاج کي 52 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن پر سکر جو ڊي آئي، سکر، خيرپور ۽ نوشهري فيروز جي پوليس اغوا ٿي ويل پريا ڪماري، علي اصغر منڱريو، اسلام الدين سومرو ۽ علي حسن ميمڻ جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون، غريب عوام جي هنن کي ڪا به ڳڻتي ناهي، پريا ڪماري ۽ ٻين کي آزاد ڪرايو وڃي.