پاڪستان جا ڏوهاري مراد سعيد ۽ پي ٽي آءِ آهن: پرويز خٽڪ

لوئر دير ( م ڊ  ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي چيئرمين پرويز خٽڪ اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد ۽ پي ٽي آءِ کي پاڪستان  جا ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ مراد سعيد ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وارا ڏوهاري آهن. هن چيو ته نئين پاڪستان ۽ ڪو اسلام جي نالي تي اقتدار ۾ آيو، پر ڪجهه نه ڪيو. پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ پرڏيهي قرضن مان ڇوٽڪارو چاهيون ٿا. هن چيو ته 30 سالن کان قرض وٺي رهيا آهيون، هاڻي جاڳڻو پوندو. پرويز خٽڪ چيو ته صحت ڪارڊ، پشاور بي آر ٽي ۽ موٽر وي جا منصوبا مون شروع ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.