بحريا ٽائون ادائگيون ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ زمين تي قبضو ڪيو : سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون قبضي ڪيس جي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته برطانيا کان مليل 190 ملين پائونڊ مان 35 ارب پاڪستان جي حڪومت  کي ڏنا وڃن. جڏهن ته ريمارڪس ۾ چيو ويو ته سروي رپورٽ موجب بحريا ٽائون جو 3000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي غير قانوني قبضو آهي. سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون قبضي ڪيس ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهه مان آيل رقم مان 35 ارب رپيا پاڪستان جي حڪومت کي ڏنا وڃن. پرڏيهه مان آيل رقم جيڪا ان وقت جي مٽا سٽا جي شرح موجب 35 ارب رپيا هئي، اها حڪومت پاڪستان کي ڏني ويندي، جڏهن ته بحريا ٽائون طرفان پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايل 30 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڏنا ويندا. عدالتي ڪارروائي دوران سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون پاران زمين تي قبضي بابت به حڪم جاري ڪندي چيو ته بحريا ٽائون اضافي زمين تي به قبضو ڪيو آهي ۽ سروي رپورٽ موجب بحريا ٽائون 3000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي غير قانوني قبضو ڪيو آهي. عدالتي حڪم موجب بحريا ٽائون نه رڳو ادائگيون روڪي ڇڏيون پر وڌيڪ زمينن تي قبضو پڻ ڪيو، هڪ طرفي قسطن جي ادائيگي روڪي. سپريم ڪورٽ ملڪ رياض جي برطانيا مان آيل رقم پاڪستان جي رياست حوالي ڪري ڇڏي، جيڪا برطانيه ۾ قانوني ڪارروائي سبب منجمد ڪئي وئي هئي. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو انهن ڪيسن ۾ نيب جي جاري جاچ ۽ ڪارروائي تي ڪا به پابندي نٿو لڳائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.