اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ (ن ) ۾ مريم نواز جي سخت ۽ آمراڻي روئي سبب شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل کانپوءِ ٻين سينيئر اڳواڻن ۾ به مايوسي پکڙيل آهي. نامياري تجزئي نگار صديق ساجد جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن مريم نواز جي روئي تي تحفظات کان نواز شريف کي آگاهه ڪيو آهي پر نظر اهو ٿو اچي ته ڌيءُ آڏو پيءُ بيوس آهي، خواجه آصف، سعد رفيق ۽ ڪجهه ٻيا اڳواڻ صرف شهباز شريف جي نرم روئي سبب خاموش آهن، پر ڪنهن وقت به هو پارٽي اجلاس ۾ احتجاج ڪري سگهن ٿا.