اسلام آباد ( م ڊ ) نامياري قانوندان اعتزاز احسن ملڪ ۾ جبري گمشدگين بابت داخل درخواست تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ جبري گمشدگين واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، درخواستگذار اعتزاز احسن رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ چيمبر اپيل داخل ڪئي آهي. اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي اهو اختيار ناهي ته هو اهيو فيصلو ڪري درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه. جسٽس منصور علي شاهه اهيو فيصلو ڏئي چڪو آهي ته رولز ۾ رجسٽرار کي دخواست جي ٻڌڻي جوڳي هئڻ جو تعين ڪرڻ جو اختيار ناهي. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته رجسٽرار آفيس جي 8 نومبر جي اعتراضن کي رد ڪري ڪيس کي جلد کان جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.