ڪراچي(رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ ڪراچي ۾ واپاريءَ جي گهر ۾ پوليس پارٽي پاران ڌاڙو هڻڻ واري واقعي بعد ايس ايس پي ڏکڻ عمران قريشي خلاف وڌيڪ ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ وفاقي گهرو کاتي ڏانهن خط لکي چيو آهي ته هٽايل ايس ايس پي ڏکڻ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، عمران قريشي جون خدمتون واپس وفاق حوالي ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي. آءِ جي سنڌ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات بعد ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي ۽ ڊي ايس پي عمير باجاري کي هٽائي ڇڏيو هو، ڊي ايس پي عمير باجاري کي معطل ڪرڻ بعد آءِ جي سنڌ جي حڪم تي گرفتار به ڪيو ويو هو. پوليس سان گڏ ڌاڙي جي واردات ۾ ملوث پوليس جا 3 مخبر به گرفتار ڪيا ويا، ذريعن موجب گرفتار ڪيل ٽئي جوابدار ڏکڻ پوليس جا مخبر آهن.