ٽي ۽ چار پ جو فرق، آصف زرداري جي انٽرويو بعد بلاول اوچتو دبئي روانو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو ٿي ويو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٿري پيز ۽ فور پيز جو فرق ٻڌائي ٻڌايو ڇڏيو ته پيءُ پيءُ هوندو آهي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾  ڳالهائيندي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پ پ اليڪشن وڙهندي ان جي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار بلاول وٽ نه مون وٽ آهي، بلال کي جيڪا ٽڪيٽ جاري ٿيندي ان تي به صحيح هن جي هوندي. آصف علي زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري ايڪس (ٽوِئيٽر) تي پنهنجي پروفائيل تبديل ڪري ڇڏيو، نئين تصوير ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بلاول جي ڪلهن تي هٿ رکي مرڪندي ڏسي سگھجي ٿو ڄڻ بلاول چئي رهيو هجي ته مون وٽ ماءُ آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين  بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿي ويو. آصف زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا ان حوالي سان بحث شروع ٿي ويو آهي

بلاول ڀٽو جي موقف کي عوامي ميڙن ۾ موٽ ملي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر  آصف زرداري ۾ اختلافن سبب پيپلز پارٽي جي اڳواڻن  ۽ ڪارڪنن ۾ بي چيني ۽ مونجهاري واري صورتحال آهي، نامياري صحافي عاصمه شيرازي  جو چوڻ آهي ته  بلاول ڀٽو ڪافي عرصي کان بزرگ سياستدانن کي رٽائر ٿي گهر ويهڻ جو مشورو ڏئي رهيو هو.  گذريل 16 مهينن واري پي ڊي ايم حڪومت دوران ساڳي ڳالهه  پارليامينٽ ۾ به ڪئي هئي ته بزرگ سياستدان هاڻي نوجوانن  کي موقعو ڏين، ساڳي ڳالهه عوامي ميڙن ۾ به هن ورجائڻ شروع ڪئي، موٽ ۾ آصف زرداري تازو جيو ٽي وي تي حامد مير کي انٽرويو ڏيندي چيو ته بلاول گهڻو پڙهيل لکيل آهي، پر وٽس تجربونه آهي، سندس تربيت ٿي رهي آهي، انٽرويو کان هڪدم پوءِ بلاول ڀٽو  چونڊ مهم اڌ ۾ ڇڏي دبئي هليو ويو جنهن ڪري پيءُ  پٽ ۾ اختلافن  واري ڳالهه ۾ وڌيڪ شدت اچي وئي آهي. ڇو ته آصف علي زرداري به دبئي روانو ٿي رهيو آهي.  صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته بلاول ڀٽو جي موقف کي نوجوانن ۾ پذيرائي  ملي رهي آهي. خاص طور  پنجاب ۽ ڪي پي ۾ کيس وڏي موٽ ملي آهي. جڏهن ته آصف زرداري جي موقف کي موٽ ملڻ جا امڪان گهٽ آهن.

انٽرويو کانپوءِ بلاول جي آصف زرداي کي فون آئي ۽ وضاحت جي ڪوشش ڪئي : حامد مير

ڪراچي ( م ڊ ) سينئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير  آصف علي زرداري جي انٽرويو بابت چيو آهي ته آصف زرداري جي انٽرويو کانپوءِ خبر رپورٽ ٿي  جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري جو آصف زرداري کي فون آيو. بلاول، آصف زرداري کي سندس بيان بابت وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي زرداري چيو ته پٽ وضاحت جي ضرورت ناهي، ڏکيا سوال هئا جواب ته ڏيڻا هئا، فون تي ڳالهه ٻولهه دوران  بلاول وضحات ڪئي ته منهنجي بيان ۾ اوهان شامل نه آهيو، مان 70 سال پراڻي سياست جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن تي آصف زرداري چيو ته مان سمجهي سگهان ٿو پر مون کي به وضحات ته ڏيڻي هئي،  حامد مير چيو ته آصف زرادري سان ملاقات وقت خبر پئي ته پارٽي جي سينئر اڳواڻن به بلاول کي چيو آهي ته ڇا توهان چاهيون ٿا ته اسان پارٽي ڇڏي وڃون؟ بلاول انهن کي به چيو آهي ته مان توهان جي لاءِ نه چيو آهي. حامد مير موجب بلاول، آصف زرداي کي ٻڌايو ته مان دبئي وڃي رهيو آهي اوهان پورو انٽرويو نٿو ڏسي سگهان. حامد مير موجب آصف زرداري کان سوال ڪيو ته بلاول دبئي ڇو وڃي رهيو آهي؟  جواب ۾ آصف زرداري ٻڌايو ته بلاول واپس ايندو مان به دبئي وڃي رهيو آهيان، صنم ڀٽو به اچي رهي آهي، دبئي ۾ ڪٽنب جي گڏجاڻي آهي. حامد مير چيو ته آصف زرداري جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ان مان ڪيترائي سوال پيدا ٿي رهيا آهن، پر مون کي لڳي ٿو آصف زرداري جو اصل پيغام ڪجهه ٻيو آهي، پٽ جي باري ۾ ڳالهه ڪئي اٿس تڏهن تڪراري ٿي آهي،  آصف زرداري جي چوڻ جو مقصد اهيو هو ته هڪ گڏيل قومي حڪومت هوندي، ن ليگ وٽ سادي اڪثريت نه هوندي جنهن لاءِ کين پيپلز پارٽي جي ضرورت پوندي.

بلاول کانپوءِ آصف زرداري به دبئي پهچي ويو

اسلام آباد ( م ڊ )اڳوڻو صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز  جو صدر آصف علي زرداري دبئي پهچي ويو آهي،  ذريعن موجب آصف  علي زرداري اسلام آباد کان دبئي روانو ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي پهتو آهي. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواهه جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد دبئي روانو ٿيو هو.

بلاول ۽ زرداري وچ ۾ اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن: شازيه مري

ڪراچي ( م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي ترجمان شازيه مري بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري وچ ۾ اختلافن جي خبرن کي  بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو. شازيه مري جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ذاتي مصروفيتن سبب دبئي ويو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيدي شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو جي دبئي وڃڻ جو هن ڀيري ڪو خاص سبب ناهي، هو خيبرپختونخواهه جو دورو مڪمل ڪري پرڏيهه ويو آهي. شازيه مري وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو وطن واپس ايندو ۽ 30 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ پارٽي جي يوم تاسيس کي خطاب ڪندو. آصف زرداري جي انٽرويو جو حوالو ڏيندي شازيه مري چيو ته 4 پيز واري پيپلز پارٽي کي آمريت جي جبر ۾ ٺاهي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.