اسلام آباد (م ڊ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي عورتن جي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ فجر رابعه پاشا کي ”يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع“ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هو اسان جي فخر آهي جيڪا پوري دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهي آهي، ڪالهه اسلام آباد ماڊل اسڪول فار گرلز جي 7 ۾ يونيسڪو ايوارڊ جي شيلڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري پڻ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اڄ جي تقريب تمام گهڻي خاص آهي ڇاڪاڻ ته اڄ اسان جي ڀيڻ فجر رابعه پاشا پاڪستان جي ڌيءَ هجڻ جو پنهنجو فرض ڪاميابي سان نڀايو آهي. فجر رابعه پاشا ۽ سندس تنظيم ”پاڪستان الانس فار گرلز ايجوڪيشن پيج کي چين ۾ عورتن لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ انهن کي علم جو زيور فراهم ڪرڻ تي يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع سان نوازيو ويو آهي. هي اعزاز اسان جي ڀائر ملڪ چين جي خاتون اول ڏنو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ان جي اداري تي فخر آهي جنهن اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ اتي پڙهندڙ ڇوڪريون به شامل آهن، وفاقي وزير وزارت جي قيادت جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ آفيسرن جي واکاڻ ڪئي جن غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي انتهائي قابليت ۽ ميرٽ سان معاملي جو فيصلو ڪندي پيج کي هن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو.