ٻھارا(رپور: احمد علي) سماجي بھبود تنظيم جي سڏ تي غير ملڪين ڌارين جي خلاف احتجاج ڌرڻو جنھن احيجاج ۾ ھتان جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ايس اي خاصخيلي رسول بخش عمراڻي رجب علي قنمبراڻي محمد طيب ملاح جي اڳواڻي ۾ شھر ٻھارا جي مختلف چوڪن گلين رستن مان احتجاجي ريلي ڪڍي مين روڊ يو سي کڳاڻ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ٻاھرين ملڪن جا دھشتگرد هتي آڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد ڪيا ويا آهن جيڪي غير قانوني ڪاروبار ڪري رهيا آهن، غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي، پنھنجن جائز حقن ۽ غير ملڪي افغانين مان جان ڇڏائڻ لاءِ ميدان وٺڻو پوندو، سنڌ کي ھٿ وٺي عالمي يتيم خانو بڻايو پيو وڃي، دهشتگرد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آباد ٿي غير قانوني قسم جا ڪاروبار ڪري ڌرتي ماءُ کي بدنام ڪري رهيا آهن، ڌارين افغانين کي نيڪالي ڏئي سب ڊويزن مير پور ساڪرو جي ساحلي پٽي جي شھرن آس پاس علائيقن کي ڌارين کان محفوظ ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائيرو وڌايو ويندو .