ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ افغانين سميت پرڏيهن جي نيڪالي لاءِ 26 نومبر تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ احتجاجي ريلي جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ڄامشورو طرفان جاڳرتا مهم جي حوالي سان بابري مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مک چوڪ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، جاگرتا ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي جي صدر رياض احمد چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز خان زئور، نواز شاھ ڀاڏائي، سورھيه سنڌي، فتاح چنه انور بڙدي ٻين ڪئي، ان موقعي تي ريلي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پوري ملڪ ۾ افغانين جي نيڪالي لاءِ فيصلو ته ٿيو آھي پر عمل نه ٿو ٿئي پوري سنڌ ۾ هن ڌارين جي يلغار آھي لڳ ڀڳ هن وقت سنڌ ۾ 50 لک ڌاريا رهن ٿا پر موجوده نگران سرڪار انهن خلاف مضبوط ڪارروائي ناهي ڪئي، حڪومت چاهي ٿي ته سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿئي اسلام آباد جي سرڪار ڌارين جي آبادڪاري روکڻ لاءِ ڪي به قدم نٿي کڻي سنڌي قوم بک ۽ بدحالي، بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارا هٿ سان حڪمران تباھ ڪيا آهن جيئي سنڌ رهبر ڪاميٽي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سڀاڻي حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنهن جي دعوت کڻي سنڌ توڙي ڄامشورو واسين وٽ پهتا آهيون ته اچو اسان جو ساٿ ڏيون، اسانجو اھو ئي مطالبو آھي ته سنڌ حڪومت کي ڌارين جي نيڪالي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن پوري سنڌ مان افغانين بنگالين کي نيڪالي ڏني وڃي .