گمس ڪاليج جي شاگرد جو پراسرار موت، گهر مان لاش هٿ

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ گمس ميڊيڪل ۾ بي ايس سي پيٿيولاجي جي ٽئين سال جو ڪشمور واسي شاگرد ذيشان دايو پراسرار نموني فوت ٿي  ويو، گمس ڪاليج جي پراسرار نموني فوت ٿيندڙ شاگردن جو انگ 2 ٿي ويو، شاگرد ذيشان جو باءِ پاس ڀرسان ھڪ پرائيويٽ گھر مان لاش مليو، ڊائريڪٽر گمس ۽ ڪاليج پرنسپال پھتا، فوتي شاگرد مسواڙ تي ورتل جڳھه ۾ ڪاليج جي دوستن سان گڏ رھندو ھو، اطلاع تي پوليس به پهتي، فوتي شاگرد جو لاش گمس اسپتال جي ريپڊ ريسپانس سينٽر منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي وڏي انگ ۾ ساٿي شاگرد پھچي ويا ۽ سلڇڻي شاگرد ذيشان جو لاش ڏسي لڙڪ لاڙي ويٺا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش ڪشمور پھچائڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، والدين جو خواب اڌورو رهجي ويو، ذيشان جي دوستن موجب ذيشان دايو بيمار ۽ ڪمزور رھندو ھو گذريل رات ھڪ وڳي تائين دوستن سان ڪچھري ڪري ننڊ ستو صبح جو مئل حالت ۾ ڏٺو، ھوڏانھن ڊائريڪٽر گمس جو چوڻ آهي ته شاگرد ذيشان جي اوچتو فوت ٿيڻ تي صدمو رسيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.