اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) مشهور اداڪارا حاجرا خان جي لکيل ڪتاب جي اڄ اسلام آباد جي سيرينا هوٽل ۾ مهورتي تقريب ٿي رهي آهي، نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ اداڪارا حاجرا خان ڪتاب جو نالو ” ويئر دي افيوم گروز“ رکيو آهي، حاجرا خان 2014ع ۾ ڪتاب لکيو هو، سندس چوڻ آهي ته ڪتاب شايع ٿيڻ بعد کيس ملڪ ڇڏڻو پيو هو، ڪتاب جي هاڻوڪي ڇاپي ۾ اهي ڳالهيون به شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي پهرئين ڇاپي ۾ سينسر ڪيون هيون، ڪتاب ۾ عمران خان کي دجال لکيو ويو آهي ۽ رانگ نمبر قرار ڏنو ويو آهي، اسلام آباد جي اهم سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ گرما گرم بحث ڇڙيل آهي ، ياد رهي ته ان کان اڳ ريحام خان جي ڪتاب جو به ساڳي نموني چرچو هلندڙ هو.