ارشاد رانجهاڻي جي ڀاءُ جي گهر تي چڙهائي، پوليس قاتل جي ونگارو آهي: منور رانجهاڻي

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ڪجھه سال اڳ قتل ٿيل ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ منور رانجھاڻي جي گھر تي پوليس عملدارن چڙھائي ڪئي، شهيد جي وارثن کي حراسان ڪيو ويو، سچل ڳوٺ ۾  شهيد ارشاد رانجھاڻي جي ڀاءُ منور رانجھاڻي پنھنجي امڙ سڀياڻي ۽ ڀيڻ ثناءِ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ گذريل رات دير سان ڪجهه پوليس وردي ۽ ڪجهھ سول ڊريس ۾ ماڻھن گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيا، ننڍي ڀاءُ خالد رانجھاڻي کي زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان 15 مددگار پوليس کي اھڙي واقعي جو اطلاع ڏنو سوشل ميڊيا تي پوليس جي اھڙي دھشتگردي لائيو ھلائي جنھن بعد پوليس اھلڪار واپس روانا ٿي ويا، اسان کي خبر پئي آهي ته گھر مٿان ڪيل چڙھائي ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس ملوث آھي، قاتل رحيم شاھ جي آزادي کانپوءِ اسان ڪورٽ جي ٿيل فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آھي جنھن ۾ ڪيس ۾ اسان جو ڀاءُ خالد رانجھاڻي فريادي آھي، قاتل بااثر ۽ تمام گھڻو طاقتور آھي پوليس ان جي ونگار وھي اسان کي حراسان ۽ تنگ ڪري رھي آھي اڳ بـ اسان جي ڀاءُ خالد مٿان 8 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي تمام گھڻو تنگ ۽ پريشان ڪيو ويو وڃي،چڙهائي دوران اسٽيل ٽائون تي مقرر اي ايس آءِ شاهد مستوئي ڌمڪيون ڏنيون، ھنن چيو تـ آءِ جي  نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.