ايمسٽر ڊيم(م ڊ) نيڌرلينڊ جي عام چونڊن ۾ اسلام مخالف سياستدان گيئرٽ ولڊرز ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. برطانوي خابرو اداري چونڊن جي شروعاتي نتيجن ۽ ايگزٽ پولز جي حوالي سان ٻڌايو ته وائلڊرز جي فريڊم پارٽي اربع ڏينهن پارليامينٽ ۾ 35 سيٽون کٽي ورتيون آهن. کاٻي ڌر جي هڪ گروپ 25 سيٽن سان ٻي نمبر تي جڏهن ته سينٽر رائٽ پارٽي 24 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي، واضح رهي ته انتهائي ساڄي ڌر جي پارٽي نيڌرليڊ جي چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون کٽي ورتيون آهن پر ملڪ جي وکريل سياسي نظام جو مطلب آهي ته ايندڙ حڪومت ٺهڻ کان پهرين مهينن تائين ڳالهين جي ضرورت هوندي.
اسرائيلي حملي ۾ حزب الله اڳواڻ جي پٽ سميت 5 ڄڻا شهيد
بيروت(م ڊ) لبنان جي اسرائيل سان سرحدي تي چڪريون جاري آهن ۽ لبناني تنظيم حزب الله پنهنجي سينيئر اڳواڻ جي پٽ سميت پنجن ماڻهن جي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي وڃڻ تي تصديق ڪئي آهي، ذريعن موجب حزب الله جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم جي پارليماني بلاڪ جي سربراهه محمد عباس رعد جي پٽ عباس رعد جي شهادت ولاريل بيت المقدس جي راه ۾ ٿي آهي.
سون جي درآمد ۾ چئن مهينن دوران 1.11 سيڪڙو گهٽتائي
اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ سون جي امپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 1.11 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. پاڪستان شماريات کاتي موجب جولاءِ کان آڪٽوبر 2023ع تائين جي مدي ۾ 8.883 ملين ڊالر جي ماليت جو سون امپورٽ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 1.11 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ 8.983 ملين ڊالر ماليت جو سون امپورٽ ڪيو ويو هو. مقدار جي لحاظ کان سون جي امپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ 21.12 سيڪڙو جي واڌ ٿي.
راڄوڙي ۾ هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد، حملي ۾ 5 ڀارتي فوجي مارجي ويا
سرينگر(م ڊ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪاررواين دوران ڪالهه راڄوڙي ضلعي ۾ هڪ ٻئي ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن سان گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهيد ٿيل نوجوانن جو انگ 2 ٿي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوان کي ضلعي جي علائقي ڪالا ڪوٽ ۾ گهيري ۽ـ تلاشيءَ جي هڪ جاري ڪارراوئيءَ دوران شهيد ڪيو. ڪالهه فوجين ان علائقي ۾ هڪ ٻئي نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن ڪالا ڪوٽ ۾ هڪ حملي دوران زخمي ٿيل هڪ ٻيو ڀارتي فوجي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ حملي ۾ مارجي ويل فوجين جو انگ وڌيڪ 5 ٿي ويو آهي.
فرح گوگي جي اپيل تي گهرو وزارت کان لکت ۾ جواب طلب
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ فرح شهزادي جي ٻارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍرائڻ جي اپيل تي گهرو وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور چوڌري جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فرح شهزادي جي ٻارن فراز اقبال ۽ ايمان اقبال جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ساڪرو جي ڳوٺ يوسف کي ڊاهڻ خلاف درخواست، ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊسٽرڪٽ ٺٽو جي تعلقي ميرپورساڪرو جي ڳوٺ يوسف کي ڊاهڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت حيدرآباد جي ڪمشنر .ڊي سي ٺٽو ۽ مختيار ڪار ٺٽي سميت ٻين کي 13ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذارن جي وڪيل اشرف سمون چيو ته 1987ع۽ 1988۾ زمين جي سند سميت الاٽ ڪئي وئي .26 آگسٽ 1987ع ۾ زمين جي الاٽ جو نوٽيفڪشن جاري ڪيو جيڪو پوءِ رد ڪري ڇڏيو آهي، پرائيويٽ ماڻهو قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.