تل ابيب( م ڊ) اسرائيل ۽ حماس ۾ عارضي جنگ بندي اڄ کان شروع ٿيندي، ان کان اڳ اسرائيل 24 ڪلاڪن ۾ 300 حملا ڪري ڪيترائي فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا. اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ عارضي جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا واري معاهدي تي عملدرآمد ۾ (اڄ)جمعي تائين دير ڪئي وئي ، ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي عملدارن پاران چئن ڏينهن واري جنگ بندي ۽ قيدين جي آزادي واري معاهدي جي شروعات (اڄ) جمعي کان ڪئي ويندي، عارضي جنگ بندي جي معاهدي باوجود اسرائيل غزه ۾ جاري جنگ بند نه ڪري رهيو آهي، اسرائيل غزه جي جباليا، بيت لحيه، رفح، خان يونس ۽ ناصر ڪيمپن تي بمباري ڪئي ۽ شيخ رضوان جي علائقي ۾ هڪ گهر تي هوائي حملي ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. هوڏانهن قطر جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته اڄ صبح کان عارضي جنگ بندي تي عمل شروع ٿي ويندو. گڏيل قومن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ اغوا ڪيلن جي آزادي ۽غزه جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، عالمي اداري جي سيڪرٽري جنرل انتونيوگوترش جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو اسرائيل ۽حماس وچ ۾ طئه ٿيل معاهدي جي آجيان ڪري ٿو،