اسٽيوٽا ۽ تعليمي بورڊ جا آفيسر معطل، ڪراچي انٽر بورڊ ۾ فراڊ بابت جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير اسٽيوٽا توڙي تعليمي بورڊن ۾ آپريشن ڪندي هيرا ڦيري تي جاچ شروع ڪرائي ڇڏي، عملدارن جون بدليون ۽ مقرريون به ڪيون آهن،  نگران وڏي وزير جسٽس رٽائر مقبول باقر  ڪراچي انٽر بورڊ ۾ نتيجن ۾ فراڊ ڪرڻ ۽ مالي بي ضابطگيون ڪرڻ تي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم جو چيئرمين رفيق ٻرڙو، خزاني کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري شهمير ڀٽو ۽ اينٽي ڪرپشن جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شامل هوندا، ڪميٽي بورڊ ۾ بي ضابطگين جي الزامن ۽ امتحانن جي نتيجن ۾ تبديليون ڪرڻ جي معاملي جي جاچ ڪندي ۽ 14 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي ۽ سفارشون پيش ڪندي. نگران وڏي وزير رٽائر ٿيڻ باوجود سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي چيئرمين جي عهدي تي ويٺل ڊاڪٽر مسرور احمد شيخ کي هٽائي ڇڏيو، ڊاڪٽر مسرور 2021 ۾ رٽائر ٿي ويو هو، کيس فوري طور تي هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي، وڏي وزير بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي سيڪريٽري اڪرم سمون کي به عهدي تان هٽائي اسٽيوٽا ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي،  اهڙي طرح امتحانن واري ڪنٽرولر عذرا نسيم کي به عهدي تان هٽائي کيس اصل عهدي تي موڪلي ڇڏيو آهي، نگران وڏي وزير لاڙڪاڻي ايجوڪيشن بورڊ جي ظهير الدين ڀٽو کي امتحانن واري ڪنٽرولر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ڪراچي انٽر بورڊ جي سيڪريٽري ڪاشف صديقي کي عهدي تان هٽائي اصل عهدي ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي،  ٻئي طرف نگران وڏي وزير مقبول باقر شهيد بينظير آباد بورڊ سيڪريٽري ۽ امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر جان محمد ملڪ کي هٽائي ڇڏيو، جان محمد ملڪ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ملازم آهي، کيس پنهنجي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نوابشاهه بورڊ جي آڊٽ آفيسر احسان الاهي ڀٽو کي عهدي تان هٽائي لوڪل گورنمنٽ بورڊ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انٽرميڊيٽ بورڊ جي آڊٽ آفيسر زاهد لاکو کان ڪراچي سيڪنڊري بورڊ جي ايڊيشنل چارج واپس ورتي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.