راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 82 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾، فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جيڪي دشمن قوتن جي اشاري تي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن رياست سڀني دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙن خلاف ”مڪمل قوت“ سان ڪارروائي ڪندي، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ جبر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارتي فورسز طرفان انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي مذمت ڪئي، فورم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو، فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي فورم چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ القدس کي ان جي گاديءَ واري هنڌ جي بنياد تي فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. درپيش چيلنجز جي باوجود پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن دوران پريشاني ۽ غير يقيني صورتحال ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته اميد، اعتماد ۽ استحڪام ۾ اضافو ٿيو آهي، فورم ان ڳالهه جو ورجاءَ ڪيو ته ذاتي مقصدن لاءِ مايوسي پيدا ڪندڙ مخصوص عنصرن جي ڪوششن کي ثابت قدمي ۽ هاڪاري قدمن جي تسلسل ذريعي پاڪستاني عوام جي مڪمل حمايت سان شڪست ڏني ويندي، ڪانفرنس جي شريڪ ٿيلن چيو ته پاڪ فوج جٽادار استحڪام ۽ سلامتي جي سفر ۾ قوم جو دفاع ۽ خدمت جاري رکندي، فورم طرفان عيرقانوني پرڏيهين جي وطن واپسي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي به مڪمل حمايت ڪئي وئي.