اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ رياض جو انٽرويو ٽن قسطن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾هن اهم انڪشاف ڪيا آهن، نامياري صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته رابطو ڪرڻ تي ملڪ رياض چيو ته انٽرويو ۾ فقط هڪ سيڪڙو سچ ڳالهايو آهي، سئو سيڪڙو سچ ڳالهايو ته ڪيترن ئي ليڊرن، اڳوڻن ڪامورن، ميڊيا چينلن ۽ جنرلن کي منهن لڪائڻ جي جاءِ به نه ملندي ڇو ته حمام ۾ سڀ ننگا آهن، هن چيو ته قوم کي ٻڌائيندس ته ثاقب نثار ڪهڙا مطالبا ڪيا هئا ۽ ڇو 460ارب رپيا ڏنڊ وڌو هو، ملڪ رياض جو چوڻ آهي ته شهزاد اڪبر جو ڪردار انتهائي گندو هو، هن عمران خان ۽ ڪابينا سان به دوکو ڪيو، ملڪ رياض انٽرويو ڪندڙ صحافي جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهو به چيو ته عمران خان خلاف سلطاني شاهد نه ٿيندس.