غزا جي پٽي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: چين

بيجنگ(م ڊ) گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي جانگ جون چيو ته سندس ملڪ غزه ۾ امن جي بحالي لاءِ تمام گهڻيون  ڪوششون ڪري رهيو آهي . چيني خابرو اداري موجب گڏيل عرب امارات ۽ مالٽا جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل  چين جي اڳواڻي ۾ غزه جي پٽي جي صورتحال بابت هڪ اجلاس ۾ ميمبر جانگ جون چيو ته سندس ملڪ  امن جي بحالي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري رهيو آهي .عالمي برادري کي جنگ بندي کي هٿي ڏيڻ لاءِ فوري طور تي پنهنجيون ڪوششون تيز ڪرڻ کپن هن چيو ته فلسطين جي مستقبل ۽ قسمت جي باري ۾ ڪو به انتظام فلسطيني عوام جي رضامندي ۽ علاقائي امن استحڪام لاءِ ساز گار هجڻ گهرجي

فيض آباد ڌرڻو ڪميشن پاران جاچ جو دائرو وسيع

اسلام آباد(م ڊ) فيض آباد ڌرڻي ڪميشن پنهنجي  جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب گهرو وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري محمد اياز کي به ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم پنهنجي والده جي بيماري سبب ڪميشن جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو، فيض آباد ڌرڻي ڪميشن جاچ لاءِ ڪيتريون ئي وڊيوز حاصل ڪري ورتيون آهن.

پاڪستان غزا ۾ جنگ بندي جو تمام گهڻو خواهشمند آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز  زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته والاريل فلسطيني سرزمين تي غيرقانوني يهودي آباديون فلسطيني مسئلي جي حل جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن.اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان غزا ۾ جنگ بندي جو تمام گهڻو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته سيز فائر دوران غزه ۾ ضروري سامان جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.