بحريا ٽائون قبضاگير قرار، سپريم ڪورٽ پاران رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو حڪم

  اسلام آباد(م ڊ) بحريا ٽائون سروي ۾ واڌو زمين تي قابض قرار ڏنو ويو آهي ، سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جي  هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي دوران بحريا ٽائون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس کي عدالت جي دائري کان ٻاهر قرار ڏئي ڇڏيو، بحريا ٽائون ڪراچي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ بحريا ٽائون جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي جمع ڪرايل رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي 2019 جو فيصلو برقرار رکيو. سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون پاران 460 ارب جي رقم ادا نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون طرفان جمع ڪرايل رقم سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سان اتفاق ڪيون ٿا ته سپريم ڪورٽ اها رقم رکي نٿي سگهي، پرڏيهه مان  آيل 65 اربن مان 35 ارب وفاق کي ملندا، 30 ارب سنڌ حڪومت کي ملندا. چيف جسٽس چيو ته ڪير ڌاڙو هڻي رقم سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ته ڇا سپريم ڪورٽ به ڏوهه ۾ شريڪ ٿي وڃي؟  سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل سان اتفاق ڪيون ٿا ته سپريم ڪورٽ اها رقم رکي نٿي سگهي، پرڏيهه مان  آيل 65 اربن مان 35 ارب وفاق کي ملندا، 30 ارب سنڌ حڪومت کي ملندا . چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بحريه ٽائون جي وڪيل سلمان اسلم بٽ کان سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو ته ادائگين واري معاهدي تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته قانون موجب هلڻو آهي ته پوءِ مون کي جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏيو، هن سموري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو اختيارن جي دائري کان ٻاهر هو.  چيف جسٽس چيو ته توهان ٻڌايو ته اسان ڪهڙي اختيار جي دائري ۾ هي ڪيس ٻڌي رهيا آهيون؟ وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته اهو ئي ته مان به سوچي رهيو آهيان. چيف جسٽس چيو ته توهان جي چوڻ تي سروي ڪرائي وئي جيڪا توهان جي خلاف وئي، هاڻي زمين جو  ٻيهر ويليو ڪرايو ته اهو به توهان جي خلاف ويندو. وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته مون کي سروي رپورٽ پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي، منهنجي استدعا آهي ته سروي رپورٽ تي جواب لاءِ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اسان جو جواب ”نو“ آهي، توهان اڄ رات هتي آهيو، اسان توهان کي ٻڌنداسين، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته توهان مون سان اوچي آواز ۾ نه ڳالهايو، مون کي اهو پسند نه آهي ته ڪير مون سان رڙيون ڪري ڳالهائي. چيف جسٽس چيو ته اسان رڙيون نه پيا ڪيون ۽ نه وري توهان کي اهڙي اجازت ڏينداسين، اسان رات تائين ويٺا آهيون، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته مان وڌيڪ بيهي نه ٿو سگهان، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي ڪرسي ٿا ڏيون ويهي دليل ڏيو، وڪيل ڪرسي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته توهان جنهن فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي رهيا آهيو اهو غلط آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان عملدرآمد نه پيا ڪرايون توهان پاڻ معاهدي ۾ شامل ٿيا هئا. وڪيل سلمان اسلم چيو ته ان راضپي سان ٿيل معاهدي کي توهان ختم ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته اسان فيصلي جو هڪ لفظ به تبديل نه ٿا ڪري سگهون،وڪيل چيو ته انصاف جي گهر آهي ته سروي رپورٽ تي موقف ٻڌو وڃي. چيف جسٽس چيو ته انصاف جون ڳالهيون  ٻاهر ميڊيا ۾ وڃي ڪريو، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته ميڊيا تي نه ڪڏهن ڳالهايو آهي ۽ نه وري ميڊيا لاءِ عدالت ۾ ڳالهايان ٿو، مناسب ٿيندو ته اڄ وڌيڪ ٻڌڻي نه ڪئي وڃي،چيف جسٽس چيو ته ٻڌڻي اڄ ئي مڪمل ڪنداسين. سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته گهٽ زمين ملڻ تي وڌيڪ ادائگي کان انڪار وارو موقف نه رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ ڪمشنر ڪراچي طرفان جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بحريا ٽائون جو طئي ٿيل معاهدي کان 3 هزار 31 ايڪڙ واڌو زمين تي قبضو آهي. واضح رهي ته اِها رپورٽ 460 رُپيا اوڳاڙي واري معاهدي جي تناظر ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي سان 16 هزار 896 ايڪڙ زمين جو معاهدو ٿيو هو. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهيءَ ۾ 10 رڪني سروي ٽيم پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن وقت بحريه ٽائون جو 19 هزار 931 ايڪڙ زمين قبضو آهي. رپورٽ موجب، بحريه ٽائون جو هن وقت طئي ٿيل معاهدي کان 3 هزار 31 ايڪڙ واڌو زمين تي قبضو آهي. رپورٽ موجب ۾ چيو ويو آهي ته بحريه ٽائون جو ملير ضلعي ۾ 813 ايڪڙ ۽ ڄامشورو ۾ 2 هزار 222 ايڪڙ زمين تي قبضو آهي.واضح رهي ته رپورٽ سپارڪو، سروي آف پاڪستان ۽ فاريسٽ کاتي جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.