اسلام آباد ۾ ويٺلن کي ارڙهين ترميم سان مسئلو آهي،بلاول اڃا تربيت پيو وٺي: آصف زرداري

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد لاءِ پيپلز پارٽي کي 6 وزارتن جي آڇ ڪئي وئي،عمران خان کي نه ڪڍون ها ته هو هڪ فوجي ذريعي آر او اليڪشن ڪرائي 2028ع تائين حڪومت ٺاهي وڃي  ها،پوءِ هڪ ڪلو کير لاءِ پئسن جي ٽرڪ ڀري کير جي دڪان تي وڃڻو پوي ها،  هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته  عمران حڪومت پيپلز پارٽي کي زرداري مائنس ڪرڻ چاهي پئي، مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ويو ۽ چيو ويو ته باقي پيپلز پارٽي  6 وزارتن جي بدلي پي ٽي آءِ سان گڏجي اليڪشن وڙهي،باجوا آرمي چيف ضرور هو پر اداري ۾ سوچ جا بلاڪ هوندا آهن، ڪجهه دوستن جي سوچ مختلف هئي، عمران سان گڏ جنرل فيض هو، آصف زرداري چيو ته عمران خان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ صحيح فيصلو آهي،هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل بابوئن کي ارڙهين ترميم سان مسئلو آهي،اهي باقي دنيا کان ڪٽيل آهن، کين ڪا خبر ناهي ته ارڙهين ترميم جا ڪهڙا مقصد آهن؟ بلاول سان اختلاف راءِ تي هن چيو ته هي ڪا پوليس اسٽيشن ناهي ته گڊ ڪاپ بيڊڪاپ کيڏي وڃي،بلاول اڃا تربيت هيٺ آهي،کيس وقت لڳندو ،هر نئون نسل چوندو آهي ته ”بابا کي ڪجهه نٿو اچي“  هر گهر جي اها ڪهاڻي آهي،نئون نسل چوندو آهي ته “بابا توهان کي ڪجهه نٿو اچي“، اها ٻي ڳالهه آهي ته ميان صاحب آڏو ڪير ناهي ڳالهائيندو،اسان آڏو ته ڪارڪن به ڳالهائيندا آهن، اڄ جي نئين نسل جي پنهنجي سوچ آهي، بلاول سڀني کي بابي چئي رهيو آهي، رڳو مون کي نه سڀني کي پيو چوي،بلاول کي روڪيندس ته چوندو ته توهان سياست ڪريو،مان نٿو ڪريان،  ٽرپل پ  جو چيئرمين بلاول آهي ۽ فور پ جو چيئرمين مان آهيان،بلاول سميت اميدوارن کي ٽڪيٽ مان ڏيندو آهيان، هن چيو ته جمهوريت ڪافي سالن کان ڪمزور ٿي چڪي آهي، آصفه ڀٽو ڪاوڙ ۾ بينظير ڀٽو کان وڌيڪ آهي، هن جي ڪاوڙ کان ڊپ ناهي لڳندو ،پيار ايندو آهي، هن چيو ته  مون تي نوان ڪيس نوازشريف نه عمران خان ڪيا، آءِ پي پي جهانگير ترين بڻائي، پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺهندا آهن، فنڪشنل ليگ اڳ ۾ به اتحاد ٺاهيو هو، هن چيو ته مستقبل مخلوط حڪومت ٺهندي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ن ليگ اسان سان گڏ نه هلي، اها ڳالهه وقت کان اڳ جي آهي، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ حصو وٺندي، فرحت الله بابر پ پ پ پ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنرل پاشا مون کي فرحت الله بابر کي پارٽي مان ڪڍڻ لاءِ چيو هو،مون انڪار ڪيو، فرحت بابر پارٽي اندر رهندو، هن چيو ته مون کي پڪ آهي ته اليڪشن ڪمشنر صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائيندو، اسان ادارن کي اڳ به مضبوط ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي اڳتي به مضبوط ڪنداسين، هن چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي آندي هئي، ايران، افغانستان،چين سان اسان جا لاڳاپا صحيح هئا، ايران گئس پائيپ لائن تي عملدرآمد نه پيو ٿئي، توهان کي سستي گئس ۽ بجلي ملندي ته توهان جي صنعت اڳتي وڌندي، سعودي عرب سان منهنجا لاڳاپا سٺا آهن، اهي لاڳاپا ڀٽو صاحب بڻايا هئا، سي پيڪ جو صحيح فائدو نه ورتو ويو، هن چيو ته مان سنڌ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت روڊ پيو ٺاهيان، ٽرين رستي اسان يورپ تائين پهچي سگهون ٿا، آصفه ڀٽو جتان اليڪشن وڙهڻ چاهي وڙهي سگهي ٿي، هوءَ مضبوط اميدوار آهي،زمينداري منهنجي ڪمزوري آهي، ڪنسٽرڪشن منهنجو ڪاروبار آهي، هن چيو ته فلسطينين سان ظلم تي مان سڀ کان پهرين مذمت ڪئي، فلسطين کان بغير مسلم دنيا مڪمل ناهي، شام مسئلي تي مون حمايت کان انڪار ڪيو، توشاخانه مان مون بم پروف گاڏي ورتي، اها صدر طور مون کي يو اي اي ڏني هئي، اڍائي ڪروڙ رپيا ڏئي اها گاڏي مون خريد ڪئي، ڪرنل قذافي به مون کي بلٽ پروف گاڏي ڏني هئي ،هن چيو ته مون تي ڪيس ته ڪو به ختم ناهي ٿيو، 14 سال پراڻا ڪيس ختم ٿي ويا، عمران خان جي مهرباني سان نوان ڪيس ٺاهيا ويا آهن، سياستدانن تي ڪرپشن جي الزام جي سوال تي هن چيو ته ميڊيا تي اسان جي جنگ ڪرائي ويندي آهي، ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چئنل کي ان ڪم تي لڳايو ويندو آهي، آءِ جي آءِ ته حميد گل بڻائي هئي، آءِ پي پي جهانگير ترين بڻائي، اها ڪنهن ميڊيا وارن نه بڻائي، مان 14 سال 7 مهينا جيل ۾ رهيو آهيان،هن چيو ته معيشت جي بحالي پ پ جي منشور ۾ شامل آهي، اسان جي حڪومت آئي ته پارٽي مان ئي ناڻي وزير مقرر ڪيو ويندو، حفيظ شيخ اسان تي نازل ڪيو ويو هو، پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو، اتحاد لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ٽي آءِ جي  اسان ايترو خلاف ناهيون، رڳو هڪ شخص جي خلاف آهيون، هن چيو ته اسان تلوار کي خراب آڻڻ کان بچايو، نئين نسل کي سوچ جي اظهار جو حق آهي، بختاور سياست ۾ نه پئي اچڻ چاهي، مونس الاهي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوڙهو پيءُ جيل ۾ آهي ۽ پٽ ۾ ايتري غيرت ناهي ته اهو واپس اچي، پر ٻاهر ويهي ڀڀڪيون پيو هڻي،هن چيو ته هاڻي اسان پنهنجي حڪومت لاءِ گيم بڻائينداسين، هن اليڪشن ۾ پ پ چڱو ڀلو سرپرائز ڏيندي، سياست منهنجي مجبوري آهي، ضرورت ناهي، بلاول اڃا تائين ٽرين ناهي، مون کان وڌيڪ تعليم يافته آهي پر تجربو تجربو هوندو آهي، هن چيو ته ٿرڪول جي سلسلي ۾ اسان بينظيرڀٽو سان گڏ ٿر وياهئاسين، سنڌ ۾ 18هين ترميم ذريعي اسان ٿرڪول کي ترقي ڏني، ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڇو ڏني وئي، کيس ايٽمي پروگرام تي سزا ڏني وئي، آمريڪي سفارتڪارن جا خط پڙهو، بينظير ڀٽو،شاهنواز ۽ مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو، هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم کي گورنرشپ، وزارتون ،ترقياتي رٿائون ڏنيون، واعدا پورا نه ٿيڻ واري سوال تي هن چيو ته انهن جي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي، سنڌ ۾ گورنر هينئر ڪنهن جو آهي؟ ايم ڪيو ايم نه پهرين گڏ هئي نه هاڻي گڏ آهي، باپ اڳواڻن جي ن ليگ ۾ شموليت تي هن چيو ته ڪجهه دوستن جون مجبوريون آهن، کين لڳي ٿو ته پروٽيڪشن ملندي ، هن چيو ته مون ڪڏهن انتقامي سياست ناهي ڪئي، منهنجي خلاف نوان الزام لڳندا هئا جواب نه ڏنم، هن چيو ته ڊبل گيم ڇا ٿيندي آهي، هي سياست آهي،هن چيو ته مان اڄ به چوان ٿو ته  محسن نقوي اسان جو پٽ آهي، ڪا به پارٽي 172 جي اڪثريت نٿي کڻي سگهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.