ڪراچي(م ڊ) ٿرڪول مان پهريون ڀيرو بجلي پيدا ڪرڻ بابت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مراد علي شاهه چيو آهي ته نواز شريف جي حڪومت ٿر منصوبي تي ڪم مڪمل طور تي روڪيو هو.نواز شريف جي بيان بابت جيو نيوز سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته نواز شريف ٿر ڪول بابت جيڪو ڪجهه چيو اهو حقيقت تي ٻڌل ناهي، ٿر ڪول 1991ع ۾ دريافت ٿيو هو، ٿر ڪول ٽيهه سال اڳ دريافت ٿيو هو، نواز شريف 50 سالن کان ٻڌندو رهيو، خبر ناهي ڪٿي.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪول اٿارٽي 10 هزار 560 ميگاواٽ پاور پلانٽس لاءِ 1995ع ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون، محترمه بينظير ڀٽو 1995ع ۾ ٿرڪول منصوبي جو افتتاح ڪيو، نواز شريف جي حڪومت ٿر منصوبي تي ڪم مڪمل طور تي روڪيو هو، پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ڇڏي ويا، جڏهن 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته هنن ٻيهر پرڏيهي سيڙپڪارن سان رابطو ڪيو، بدقسمتي سان پرڏيهي سيڙپڪار چيو ته هاڻي پاڪستان ۾ ڪم نه ڪنداسين،هن چيو ته ٿرڪول ۾ 4 پاور پلانٽ لڳايا ويا آهن، ٽن جو افتتاح بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، چوٿين پاور پلانٽ جو افتتاح اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ ٿيو، 1997ع کان 2008ع تائين ٿر ڪول منصوبي تي ڪو به ڪم نه ٿيو.