پي ٽي آءِ 20 ڏينهن اندر چونڊون نه ڪرايون ته بيٽ جو نشان کسجي ويندو

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان  تحريڪ انصاف خلاف داخل انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 20 ڏينهن اندر ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪميشن هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪرائڻ کانپوءِ 7 ڏينهن جي اندر پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن جي رپورٽ ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وڃي. اليڪشن ڪميشن موجب 20 ڏينهن جي اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وڃن تيستائين بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ وٽ رهندو.اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊون تڪراري هيون، پارٽي آئين مطابق شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي. ڪميشن چيو ته هڪ سال جو وقت ڏيڻ باوجود پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون، سيڪشن 215 تحت ويهه ڏينهن اندر پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي. اليڪشن ڪميشن موجب، 20 ڏينهن اندر چونڊون نه ڪرائڻ تي پارٽي چونڊ نشان سان گڏوگڏ پارليامينٽ جي چونڊن لاءِ اهل نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.