ايس بي سي اي آفيسرن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) غير قانوني اڏاوت خلاف آپريشن ۾ ايس  بي سي اي پاران ڪم نه ڪرڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي ايس بي سي اي جي عملدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊسٽرڪٽ اوڀر  ۽ سينٽرل جي  ڊائريڪٽرز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس نديم اختر رمارڪس ۾ چيو ته غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل ٿيڻ تائين آفيسرن جا ڪارڊ بلاڪ رهندا، جيستائين غيرقانوني اڏاوت ڊاهڻ تي عمل نه ٿيندو تيستائين سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ رهندا، عدالت چيو ته شهر جي اندر غيرقانوني اڏاوت ۾ سڀني کان وڌو هٿ ايس بي سي اي جو آهي،  ايس بِي سِي اِي جي رپورٽ موجب رهائشي بنگلن جي زمين تي قائم 10 خانگي اسڪول ۽ 39 دڪان سيل ڪيا ويا آهن،

عدالت اسڪول جي مالڪن پاران آپريشن روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.