مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پ پ سان بغاوت ڪندڙ اصل عوامي پارٽي جي چيئرمن ۽ ٿر جي واري مان بجلي پيدا ڪندڙ انجنيئر ولي محمد راهمون ٿر ۽ عمرڪوٽ جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪندي پارٽي منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو،پارٽي جي ملڪ ۾ ڪاميابي بعد 1973 جي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اُنهي سلسلي ۾ انجنيئر ولي محمد راهمون پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان جو منشور عوام جي مفادن ۽ مالڪي ۽ بنيادي مسئلن جي حل ۽ حقن لاءِ هوندو جنهن ۾ عوام پاڻ اڳواڻ هوندو ۽ هر يوسي سطح تي اصل ماڻهو وٽ نمائندگي هوندي،اسان هر يوسي سطح تي يوسي جج،ضلعي ۾ چيف جسٽس به رکنداسين ته جئين عوام کي حق ملي سگهن ۽ ضلعي توڙي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس هر ٽي مهيني تي سوموٽو نوٽيس وٺڻ جا پابند هوندا ۽ اُهي ڪيس ٻيا جج هلائيندا،هن چيو ته اسپيشل جج ختم ڪنداسين ۽ اينٽي ڪرپشن کاتو به بند ڪنداسين ۽ نيب جو ادارو هوندو. ۽ ان جا ٻه 2 سيڪشن ڪنداسين،اسان جا اميدوار پهرين مرحلي ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي هر تڪ تي چونڊ وڙهندا ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ به ڪري سگهون ٿا ۽ آئون ڇاڇرو ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي قومي تڪ تي قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندس،صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن کي ختم ڪري ڊسٽرڪٽ پبلڪ سروس ڪميشن جوڙينداسين جئين ميرٽ جي بنياد تي عوام کي روزگار ملي سگهي،ٿر جي ڪوئلي سميت هر معدني وسيلن تي ٿر جي عوام سان گڏ آهيان ٿر جي هر ماڻهو جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي جدوجهد جي ميدان ۾ هوندس،پيپلزپارٽي کي عوامي پارٽي سمجهي ان سان گڏ هئس پر هن نه نڀايو جنهن ڪري ٻئي ڪنهن پارٽي ۾ وڃڻ بجاءِ پنهنجي ۽ اصل عوامي پارٽي ٺاهي آهي