تنگواڻي ۾ سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڦر، بگٽي برادري جي سوين ماڻهن جو ڌرڻو

تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد محبت لاڙي وٽ هڪ سئو مڻ سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽالي کي هٿيار بند ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربند ڊرائيور اربيلو ملڪ ۽ ساٿي پرويز بکراڻي کي يرغمال بڻائي مارڪٽ بعد هٿ پير ٻڌي روڊ تي ڦٽو ڪري ويا، ڳوٺاڻن عطاءُالله بگٽي، زاهد هيجواڻي، واحد ڏنو ملڪ، امان الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺل، ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بلاڪ هجڻ سبب سوين مسافر گاڏيون  قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهي،روز ڦر وارداتون معمول بڻيل آهن ،هنن گهر ڪئي ته ڦر ٿيل هڪ سئو مڻ اناج واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري عام شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي، ڊي ايس پي تنگواڻي انور علي گوپانگ ۽ ايس ايڇ او تنگواڻي علي حسن مهر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي منٿون ڪيون پر متاثرن روڊ کولڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، تنگواڻي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني خلاف بگٽي برادري طرفان ڪيترن ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري رکيو ويو، متاثرن پاران روڊ کولڻ کان کتو جواب بلوچستان- پنجاب ڏانھن  ويندڙ ٽريفڪ ڦاسي  پئي، ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين گاڏين ٽرالرن جو قطارون لڳي ويون،  ڳوٺاڻن ٽينٽ هڻي رات به گذارڻ جو اعلان ڪيو، ڳوٺاڻن عبدالغفار بگٽي، زاهد بگٽي صحبت بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين ڳوٺاڻا ڌرڻي واري هنڌ موجود هئا، پوليس طرفان منٿون ڪيون ويون ته ڌرڻو ختم ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.