ٻار مستقبل جا معمار ھوندا آھن، قومن جو مستقبل ٻارن سان جڙيل ھوندو آھي، ڇو ته اڄ جا ٻار سڀاڻي جا ذميدار فرد بڻجندا آھن. جن جي ڪلھن تي ذميوارين جو بار اچڻو آھي۔ ان لاءِ اسان کي پنھنجو آئيندو روشن بڻائڻ لاءِ پنھنجي ٻارن تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو. اسان کي نه رڳو انھن جا ڪلھا مضبوط ڪرڻا پوندا، پر کين تعليم سان سرشار ڪري منجھن خود اعتمادي ۽ ذميداري جو احساس پڻ پيدا ڪرڻو پوندو، ته جيئن اھي اڳتي ھلي سماج جا ذميدار انسان بڻجي پنھنجون صلاحيتون وطن ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻي سگھن.
اھا ڪيڏي نه افسوس جھڙي ڳالھه آھي ته سنڌ ۾ لکين ٻارڙا تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم آھن. ٻارڙن کان گھٽ اجرت تي سخت پورھيو ڪرايو وڃي ٿو. کين ذھني، جسماني ۽ جنسي تشدد جو پڻ نشانو بڻايو وڃي ٿو. پر ٻارن سان ٿيندڙ ناجائزي جي خلاف ڪا به تنظيم ۽ اين جي اوز وغيره عملي طرح ميدان عمل ۾ سرگرم نظر نٿي اچي، جنھن سان سندن مسئلن جو تدارڪ ٿي سگھي. گذريل ويهھ نومبر يعني ٻارڙن جي عالمي ڏھاڙي تي ھڪ خابرو اداري پاران ھڪ رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنھن ۾ اھو ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ ۾ لکين ٻارڙا اسڪول کان ٻاھر آھن.
اِھا حقيقت آھي ته سنڌ جي تعليم تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪي آھي. تعليمي سال مڪمل ٿيڻ وارو آھي، پر اڃان تائين سنڌ جي ڪيترن ئي ٻارن تائين درسي ڪتاب نه پھچي سگھيا آھن. سنڌ ۾ ڪٿي اسڪول کي عمارت ناھي ته ڪٿي فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ لڳي پئي آھي. جنھن سبب ڪيترائي ٻار اسڪول وڃي نٿا سگھن يا جيڪي اسڪولن ۾ پڙھن ٿا، انھن کي موجوده حالتن پٽاندڙ تعليم نه پئي ڏني وڃي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ اڄ به پڙھائڻ وارا پراڻا طور طريقا رائج آھن. جنھن سبب سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار خانگي اسڪول جي شاگردن جو مقابلو ڪري نٿا سگھن، جنھن جي نتيجي ۾ تعليم مھانگائي ۽ غريبن جي پھچ کان پري ٿيندي پئي وڃي.
ھر ھڪ ٻار سان پنھنجي والدين جون ڪيئي اميدون جڙيل ھجن ٿيون. انھن اميدن جي ساڀيان لاءِ اھي سخت پورھئي ۽ محنت ڪرڻ سان گڏ پنھنجون خواھشون به ختم ڪري پنھنجي اولاد کي سٺي ۽ اعلي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڳاٽي ٽوڙ فيسون ۽ ٻيا ڳرا خرچ برداشت ڪن ٿا. رڳو ان اميد تي ته اسان جا ٻار پڙھي لکي ڪو اعلي مقام حاصل ڪري سگھن، پر جڏھن انھن والدين کي پنھنجي نوجوان اولاد جو لاش وصول ٿئي ٿو ته سوچيو مٿن ڇا گذرندو ھوندو.
ان حوالي سان ويجھڙ ۾ ٻه افسوس ناڪ واقعا ٿيا آھن، جنھن سان تعليمي ادارن جي سنجيدگي ۽ سندن پت وائکي ٿئي ٿي. ھزارين رپيا فيس جي مد ۾ اوڳاڙيندڙ تعليمي ادارا شاگردن کي ڪيترو تحفظ فراھم ڪن ٿا؟ اھو ھاڻ ڪنھن کان به لڪيل ۽ ڍڪيل ناھي. جيتوڻيڪ ان نوعيت جا واقعا اڳ ۾ به پيش ايندا رھيا آھن. مختلف تعليمي ادارن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين جو ھاسٽل ۾ پراسرار موت جي واقعن کي خودڪشي جو نانءَ ڏئي اڻپوري جاچ ڪري سندن لاشن کي لوڙھيو ويو، محض ان لاءِ ته ادارن جي بدنامي نه ٿئي. نياڻين جي پراسرار موت سبب نه رڳو سندن وارثن کي سخت تڪليف جو منھن ڏسڻو پيو، پر ٻيا والدين پڻ پنھنجي نياڻين کي اعلي تعليم ڏيارڻ لاءِ شھر کان ٻاھر موڪلڻ بابت مونجھاري جو شڪار ٿي ويا، ماضي ۾ پيش ايندڙ انھن واقعن سبب نياڻين جي تعليم سخٿ متاثر ٿي.
تازو شھدادڪوٽ واسي امن ڪمار جو ھمدرد يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ لاش ھٿ آيو آھي. جنھن تي سندس وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو آھي. امن ڪمار خانگي يونيورسٽي ۾ آئي ٽي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو ٽي سيميسٽر جو شاگرد ھو. جنھن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ڇنڇر واري ڏينھن کان پوءِ کيس ڪٿي به ڏٺو نه ويو، جيڪو ھڪ پيپر ۾ غير حاضر پڻ رھيو ۽ سندس لاش ٽي کان چار ڏينھن پراڻو آھي. يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ ھڪ شاگرد جو موت واقع ٿئي ٿو، پر ايترا ڏينھن گذري وڃڻ جي باوجود به يونيورسٽي جي انتظاميه کي ڪا پروڙ نٿي پوي، ان ڳالهھ مان سمجھي سگھجي ٿو، ھاسٽل ۾ رھائش پذير شاگرد غير محفوظ آھن ۽ اتي جو سيڪيورٽي نظام بلڪل ئي ناقص آھي.
امن ڪمار جي پراسرار موت جو ڏک اڃان دل تان لٿو ئي نه آھي ته اڄ وري ھڪ ٻي صدمي جي خبر سامھون آئي آھي. خبر موجب گمس ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد ڪشمور واسي ذيشان دايو پڻ رات پراسرار نموني فوت ٿي ويو آھي. سندس وارثن جو چوڻ آھي ته ذيشان بلڪل صحتمند ۽ نارمل ھو، جيڪو رات دير تائين گھر وارن سان فون تي ڳالھائيندو رھيو.
شاگردن جي المناڪ وڇوڙي تي اسان متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ته انھن واقعن جي شفاق جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اھڙا واقعا پيش نه اچن.