ڪامريڊ مانڌل شر جون ساروڻيون

تحرير: جمال ناصر

بابا مونکي ذهني طور تي تيار ڪندو هو ته هر وقت هو اسان سان نه هوندو، اهو وڇوڙو اٽل آ. پر منهجو ذهن ڪڏھن قبول نه ڪندو هو ته بابا اسان سان گڏ نه هوندو. مان ڪڏھن سوچيندو به نه هيس ته اسان جي زندگي ۾ ڪو اهڙو وقت به ايندو جڏھن بابا اسان سان نه هوندو.

بابا زندگي ۾ ٻه ڳالهيون ڪڏھن نه وساريون هڪ سورهيه بادشاهه کي ننڍي هوندي پنهجي پيءُ اسانجي ڏاڏي ماڻڪ فقير سان گڏجي وڃي “ديدار“ ڪرڻ ۽ ٻيو شهيد نذير عباسي سان ڪوئٽا ڪلي ڪيمپ ۾ گيتن جي ذريعي ملاقات ڪرڻ ۽ هڪ ٻي سان تمام ڏکي وقت ۾ گيتن ذريعي ڳالهائڻ، بابا چوندو هو ته شهيد نذير جو آواز تمام مٺو ۽ سريلو هو سو ڪنهن کي شڪ نه پوندو هو ته ڳائي ٿو يا ڪا معلومات ٽرانسفر ڪري ٿو.

بابا جي پئدائش هڪ سگهڙ جي گهر ۾ ٿي، سنڌ جا سگهڙ عقل ۽ فهم ۾ بهترين هوندا آهن. لکڻ پڙھڻ نه اچڻ باوجود سيني جي زور تي دنيا جو علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداآهن. اهو ئي سبب هو جو اهڙي پٺتي پيل علائقي مان هو ئي پڙهي سگهيو. پاڳارن جو مريد هئڻ ڪري بابا جي اسڪالر منظور ٿي ۽ پير ڳوٺ پڙھڻ ويو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ سانگهڙ ۾ سنڌڙي وارن  جوڻيجن وٽ نوڪري ڪيائين ۽ انٽر به اتي ڪيائين، جيڪا ان وقت حيدرآباد بورڊ ۾ شامل ھئي. ان کان پوءِ بي اي ڪيائين ۽ ايل ايل بي سکر ڪاليج مان ڪيائين پر وڪالت ڪو نه ڪيائين.

هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ کاٻي ڌر وارن سان تعلق جي ڪري پاڳارن جي جماعت سان گهٽ تعلق رهيس پر جماعت جو ذڪر هميشه ڪندو هو.

بابا جي طبعيت هڪ جاءِ تي ويهڻ واري نه هوندي هئي، ڇو ته جاکوڙ ۽ جدوجهد هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي. بابا کي هميشه اهو ڏک رهيو ته هو آخري وقت ۾ پنهجي پيءُ جو منهن ڏسي نه سگهيو، اسانجي ڏاڏي جي وفات جواني ۾ ئي ٿي جنهن ڪري اسان ڀائرن ۽ سوئٽن مان ڪنهن ڏاڏي کي ڪونه ڏٺو.

وقت جو ڦيرو به عجيب هوندو آهي، موت وقت جو پڳ مٽ يار ۽ ابن الوقت آهي، ڪڏھن ته اولاد کي پيءُ ماءُ کان کسيو وٺي، ڪڏھن پيءُ ماءُ کي اولاد کان. دنيا جو چرخو پيو ٿو ائين هلي ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ناهي. موت جو ۽ زندگي جو جهيڙو به عجيب آهي، موت زندگي کي صدين کان ماريندو پيو اچي ۽ زندگي صدين کان جيئندي پئي اچي.

بابا چوندو هو ته هن ايترا ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون آهن جو هاڻي ان کي ڪا تڪليف محسوس نه ٿيندي آهي. گرمي هن جي پسنديده موسم هئي، سردي کان هو گهٻرائندو هو. هن ڀيري جڏھن آخري دفعو مون وٽ آيو ته چيائين ”هي سيارو مان نه ڪڍي سگهندس“. مان ھن جي اها ڳالهھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري رهيو هيس، پر جڏھن بابا کي ان ڳالھه تي زور ڏيندي محسوس ڪيم ته اسان سياري کي منهن ڏيڻ جي پلاننگ ڪرڻ لڳاسين، ڇو ته جيئن  سيارو ايندو هو بابا جي ڇاتي بند ٿي ويندي هئي. رت ۾ اڇا جزا نه هئڻ ڪري انفيڪشن جو خطرو ٿي پوندو هو، پر سيارو اچڻ کان اڳ اگسٽ ۾ ئي بابا جي طبيت خراب ٿيڻ لڳي. هون ته ڪوئٽا ڪلي ڪيمپ جي ٽارچر سيل کان پوءِ پيشاب جي تڪليف ڪڏھن پيڇو نه ڇڏيس، رهندي ڪسر پوءِ وارن جيلن پوري ڪئي جنهن ۾ اڪثر پيٽ جي تڪليف رهندي هيس. ايترين مصيبتن باوجود هو ڄڻ رڪ جو چڻو هو، نه پنهجو موقف بدلايائين نه وري آرام واري زندگي گذاريائين.

کروهي جي هن ئي علائقي ۾ بابا ڪامريڊ مانڌل شر اک کولي، جيڪو وارياسو هئڻ ڪري تندور وانگي تپندو به آهي ته سردين ۾ منگوليا جي ٿڌن ميدانن وانگر ڄمندو به آهي، گرمين ۾ ھتان جي ماڻھن جا وار لوءَ جي ڪري لوساٽجي ويندا آهن ۽ سردن ۾ چپ ڦاٽي پوندا آهن. شايد اهو سبب آهي جو بابا ”ڪامريڊ مانڌل شر“ رڪ جو چڻو هو نه کيس گرمي ڪمزور ڪيو نه سياري جو اڳيان آڻ مڃيائين، هڪ اهڙو ڪردار ٿي اڀريو جنهن جو نالو جدوجهد آهي جنهن جو نالو نه وڪامجڻ آهي جنهن جو نالو نه جهڪڻ آهي.

جڏھن بابا جي زندگي جي آخري مهيني تي غور ڪيان ٿو ته ائين لڳي ٿو ته ڄڻ هن کي هتان اڏرڻ جو اطلاع ملي چڪو هو، هو مونکي ذهني طور تي تيار ڪرڻ لڳو هو ته “جڏھن مان نه هوندس، ته توهان مايوس نه ٿجو، مڙس ٿي بيٺا هجو“ . هن جو چوڻ ھو ته هن جي جدوجهد ٻڙي کان شروع ٿي، اها صورتحال اسان سان نه هئي ڇو ته بابا جدوجهد جا ڪيترائي انگ ڪراس ڪري چڪو هو.

اهو ئي سبب هو جي هن کي الوداع چوڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ دوستن همدردن کروهي جي ٿر پهچي، کيس سليوٽ ڪيو ۽ اڻ ڄاتل پنڌ ڏانهن الوداع چيو. هي ڪنهن منسٽر جي ڀاءَ ڪنهن ڀوتار، سردار جي مائٽ جو، ڪنهن حڪومتي اهلڪار جو الوداعي اجتماع نه هيو، پر هڪ ڪامريڊ، هڪ هاري ليڊر، هڪ جدوجهد جي اهڃاڻ، عقوبتون سهندڙ معصوم انسان، هڪ سٻاجهڙي، پيء هڪ سادي طبعيت واري شخص جو هميشه لاءِ الوداع جو اجتماع هو.جنهن مٽي سان هن پيار ڪيو ان مٽي سان وڃي مليو. جڏھن مان هنجي مرڻ جي اطلاع کان پوءِ بستري تي ڏٺو ته مون هن کي چيو “چڱو بابا“. مون کي ائين لڳو ڄڻ ھو مرڻ کان پوءِ به پيءُ وانگر دلاسو ڏيندو هجي ته پٽ نه گهٻرائجان هي زندگي آهي ئي وڇوڙن جو نالو،تنهڪري پچي ريٽو ٿجان، نه گهٻرائجان.

(ليکڪ ڪامريڊ مانڌل شر جو پٽ آهي)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.