ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتون

تحرير: مرتضيٰ لغاري

ميڊم عابده گهانگهرو 24هين نومبر 1969ع تي ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس جنم ڀومي محرابپور، تعلقو ڪنڊيارو، ضلعو نوشهرو فيروز آهي. سنڌ جي نامياري ڪامريڊ ۽ نظرياتي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ هن نينگريءَ جو مائٽاڻو نانءُ عابده پروين آهي.

عابده پروين ابتدائي تعليم اباڻي شهر محرابپور مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ڪنڊياري ڪاليج مان انٽر (پري انجنيئرنگ) پاس ڪري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو رُخ ڪيائين. جتان گريجوئشن ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي آئي. 2006ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي سُٺي پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. جنهن بعد سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڪرڻ لاءِ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين، سنڌي ادب سان چاهه کيس اڳتي_ گهڻو اڳتي وٺي آيو، کيس محنتن جو صلو ملي ويو، جو فيڊرل اردو يونيورسٽيءَ مان 2015ع ۾ سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايوارڊ ڪئي وئي. سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان ”سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا“ آهي.

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو پنهنجي خاندان ۽ محرابپور شهر جي پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ عورت اسڪالر آهي. ان کان علاوه وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ پڻ سنڌي شعبي جي پهرين اسڪالر آهي، جنهن کي پهرين پي ايڇ ڊي ايوارڊ ڪئي وئي. ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هوس. سندن گهر ۾ لائبريري موجود هئي. ان ۾ پيل سمورا ڪهاڻين جا ڪتاب روسي انقلابي ناول، ماءُ، دارورسن ڪي آزمائش، چراغ جلتا رها، ذلتون ڪي ماري لوگ وغيره پڙهيائين. سنڌي ناولن ۾ هم اوست، موهن جو دڙو، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، امر جليل جون ڪهاڻيون ۽ ڪالم، نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪيائين. اردوءَ ۾ امرتا پريتم، ڪرشن چندر، منٽو کي پڙهيائين.

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي پهرين لکڻي، هڪ تاثراتي مضمون ”سيڙهيان“ هو، جيڪو اردوءَ ۾ لکيو هيائين. بعد ۾ اهو سنڌيءَ ۾”ڏاڪڻ“ جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري ۽ ترقي پسند اخبار روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ 1990ع ۾ ڇپيو هو. پهرين ڪهاڻي ملير ڪراچيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل عورت واري واقعي تي، ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي لکي هيائين. ان جو عنوان ”عورت درد ڪهاڻِي“ هو. اها ڪهاڻي به اخبار روزاني عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ڇپي. اهڙيءَ طرح سندس مختلف موضوعن تي لکڻيون مسلسل روزاني عوامي آواز جي زينت بڻجنديون رهيون.

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي 1990ع کان ڪمپيئر، انائونسر، اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان پڻ واڳيل رهي. ريڊيو پاڪستان تي ٻارڙن ۽ نوجوانن جي پروگرامن کانسواءِ سندس مشهور پروگرام ”پڙهو ۽ پرايو“، ”سرتين سينگار“، ”موتين مالها“، ”لطيفي لات“ وغيره هئا.

1997ع کان عوامي آواز ۾”سورمي“ نالي عورتن جي صفحي جي انچارج (ايڊيٽر) رهي. اهو سلسلو تقريبا ٻارنهن سالن تائين جاري رهيو. ان وچ ۾ مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي به عوامي آوا ز ۾ ڇپجنديون رهيون، ان کانسواءِ شاعري به ڪيائين پر اها تمام گهٽ ڇپرايائين. نه رڳو ايترو پر سندس انچارج ايڊيٽر واري دور ۾ لاتعداد عورتون ليکڪ طور متعارف ٿيون، جيڪي اڄ جون نامياريون ليکڪائون ثابت ٿيون.  2006 ع کان پوءِ ادب ڏانهن سندس لاڙو جيتوڻيڪ گهڻو تڻو وڌي ويو، پر لکڻ کان وڌيڪ مطالعي تي سندس گهڻو ڌيان رهيو. سندس زوق تحقيق جي پاسي وڌي ويو. هن مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪتابن، مقالن ۽ ٿيسز جو مطالعو ڪيو، اهڙيءَ طرح ايم فل_پي ايڇ ڊي دوران تحقيقي مقالن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيائين، جن ۾ ”سنڌي ٻاراڻو ادب“، ”سنڌيءَ ۾ ترجمي نگاري“، ”سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامي جي ارتقا“، ”ڀڳتي تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر“ ۽ ٻيا تحقيقي مقالا لکيائين، جيڪي تحقيقي جرنل”ڪارونجهر“ ۾ مسلسل ڇپجندا رهيا، سندس سگهاري تحقيق ۽ مقالن جي چونڊ، سنوار جي نتيجي ۽ ايڊيٽنگ جي قابليت سبب کيس وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ”ڪارونجهر“ ۾ سب ايڊيٽر پڻ مقرر ڪيو ويو. جنهن ذميواريءَ کي اعزاز سمجهي ڪم شروع ڪيائين، سندس دور جا شمارا تاريخي حيثيت ماڻي چڪا.

2014ع ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”تخليق جو انت“ ڇپيو. ان ۾ شامل ڪهاڻيون گهڻيو تڻيون عورتن جي مسئلن بابت آهن. هيءُ ڪتاب سي ايس ايس جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. ساڳئي ئي سال ۾ سندس ٻارڙن لاءِ ڪهاڻين جو مجموعو ”ماريا، ميز ۽ لائبريري“ پڻ ڇپيو.  2017 ع کانپوءِ به سنڌ جي مختلف شاعرن؛ سامي، ابراهيم منشيءَ، ادل سومري، تاجل بيوس ۽ وفا ناٿن شاهيءَ جي شاعريءَ جي تحقيقي اڀياس تي ٻڌل مقالا تحقيقي جرنل ڪارونجهر ۾ ڇچبا رهيا. ان سان گڏوگڏ مختلف ادبي پروگرامن ۾ تحقيقي مقالا پڙهيائين. جن ۾ ”انور پيرزادي جي شاعريءَ جو اڀياس“، ”شيخ اياز جي اردو شاعري“ ۽ ٻيا موضوع شامل آهن.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي شاخ پاران اياز شناسيءَ بابت پروگرام ۾ اياز شناسيءَ تي ليڪچر ڏنائين، جنهن ۾ ارسطوءَ کان پوءِ تمام وڏي فلاسافر ۽ نقاد لونجائينس جي ٻڌايل عظيم شاعريءَ بابت نظرئي مطابق شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪٿ ڪيائين.  2017ع ۾ سندس اياز تي ٿيل تحقيقي ڪتاب ”شيخ اياز صدين جو سرجڻهار“ ڇپيو، جيڪو اياز شناسيءَ بابت هڪ تمام بهترين سرچشمو آهي. ان ڪتاب جي مهورت 2017ع واري سنڌ لٽريچر فيسٽيول_2 ۾ ڪامريڊ روچي رام جي هٿان ٿي.

سندس ڪيترائي تخليقي۽ تحقيقي ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن، اميد اٿم ته جلد ئي ڇپائي جي مرحلي ۾ ايندا. سندس اتساهه، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هو، جنهن کيس ادب جي دنيا ۾ چار قدم اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو، سو هن فاني جهان کي الوداع ڪري ڊاڪٽر صاحبه سميت اسان سڀني کي ويڳاڻو ۽ اڪيلو ڪري هليو ويو، پر ان ايڏي پهاڙ جيڏي درد کي سيني ۾ سانڍي به هوءَ اسان جي استاد، پنهنجي استاد ۽ همسفر جي نقشِ قدم تي هلندي همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.