گڏيل قومن جي سيڪورٽي ڪائونسل کي ان ڳالھه تي ڳڻتي ناهي ته افغان قوم طالبان جي بهاني پاڪستان جهڙي ايٽمي ملڪ تي هلان ڇو ٿي ڪري، زوب ۽ خضدار تان حملا ڪير ٿو ڪري يا طالبان جو هن ملڪ ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، ڳالھه ڪهڙي آ جنهن جو نبيرو ممڪن ناهي، طالبان جو هن ملڪ تي ڪهڙو قرض رهيل آ، هن ملڪ جي اصل باشندن طالبان جي ڪهڙي راند بگاڙي آ، آپريشن ردالفساد ۽ عسڪري آپريشن ضربِ عضب ۾ ڪهڙي جزَ رهجي وئي هئي جو هاڻي تائين اها پوري ناهي، عام معافي کانپوءِ افغانستان ۾ امن جا پکي اڏري سگهن ٿا ته اهي پکي هتي ڇو نه، افغانستان ۾ ڪهڙي شيءِ جي کوٽ آ جو اهي سڀ افغاني هاڻي اسان وٽ اڃان به رهندا، هاڻي افغان ڪهڙي حالت جنگ ۾ آ جو اهي بارڊر ٽپي هتي ايندا، طالبان کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو خطرو آ جو اهي عالمي قوتون ۽ قومون ان ڳالهھ تي بضد آهن ته طالبان پاڪستان ۾ يا خاص سنڌ ۾ يا خاص سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ئي رهندا.
سڀ افغاني ڀلي پٺاڻ نه هجن پر سڀ غيرسنڌي افغاني مفاد ۾ ڪم ڪري سگهن ٿا، افغاني انٽريسٽ معني آمريڪي انٽريسٽ معني ايجنسين جي هٿان استعمال ٿيڻ ان ڪري اهي استعمال ٿي سگهن ٿا. ان سبب جي ڪري آمريڪي آشرواد هنن جي مٿان هوندو ۽ هتان نه ويندا. هڪ ڪاٿي موجب دوائن اسپتالن جو تقريب 40 سيڪڙو خرچ انهن غيرملڪي ماڻهن تي ٿئي ٿو جن تي بجلي، گيس، پگهارن ۽ انڪم ٽيڪس به لاڳو نه ٿي ٿئي. ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ جيڪي به غيرقانوني ڌنڌا ٿين ٿا اهي انهن ماڻهن جي مرهونِ منت ٿين ٿا جيڪي غيرملڪي هوندا آهن. ان ڪري ديسي ماڻهو ته اڃان تائين ٻڪرين ۽ رڍن چارڻ مان جان ناهي ڇڏائي سگهيو اهو ماڻهو ته اڃان تائين پيرن فقيرن کي زميني خدا سمجهي اڃان تائين پٽن، ڌيئن ۽ روزگار جي عملن ۾ پاڻ اڙايون ويٺو آ.
اها ڳالهھ به مڃون ٿا ته هتي جيڪي به مذهب جي نالي قومون ٽپي آيون آهن انهن هن خطي جي صوفيت ۽ انساينت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آ، ان ڪري هاڻي ڪيئن چئون ته اهي ويچارا آهن ۽ انهن جي پنهنجي ملڪ ۾ انهن جي رهڻ جي جاءِ ناهي، انهن جي پنهنجي ملڪ جون حالتون خراب آهن، اهي پنهنجي ملڪ ۾ به رهڻ جهڙا ناهن يا پاڙي پتي ۾ جيڪي به غريب ملڪ آهن اهي سڀ هتي اچن يا هن خطي کي ”بارڊرليس“ ڪيو وڃي ته اهي هندو به ڀلا پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي رشتيدارن سان ملي جُلي اچن. ان ڪري ته غلطي سان عشق وشق ۾ ڦاسي جيڪڏهن هن خطي جو ڪو ماڻهو جي ڀارت وڃي به ٿو ته اتان جا سڀ ماڻهو ان تي هلان ٿا ڪن، سلطاني گواھ بڻجي انهن تي حملا ٿا ۽ تيستائين انهن ماڻهن جي پچر نه ٿا ڇڏن جيستائين اهي ماڻهو هن ملڪ کان نفرت جو اظهار نه ٿا ڪن. پر ان جي ابتڙ هتي جيڪي به افغاني آهن اهي پاڪستاني جهنڊو ساڙي ٿا ڇڏن، يا مورڳو لاهي پنهنجي افغانستان جو جهنڊو چاڙهي هن ملڪ جي ايجنسين کي نياپو ٿا ڏين ته هاڻي پڄي ڏيکاريو. پر ڪير به انهن کي ڪجھه نه ٿو چئي سگهي، جيئن منظور پشين اسلام آباد ۾ عسڪري ادارن کي للڪاري، اسٽيج تي بيهي ستَ سُريون ٻڌائي لهي هليو ٿو وڃي ۽ ڪير ڪجھه به نه ٿو چئيس. پر هتان جو ڪو مقامي ماڻهو جي غلطي مان يا ڪنهن درد مان پنهنجن جوڌن ۽ کنڀيل جوانن جي ڳولها جي لاءِ روڊ تي نڪري هڪڙو نعرو ٿو هڻي يا پنهنجي حقن جي حاصلات جي لاءِ هڪ ڳالھه ٿو ڪري ته ٻئي ڏينهن ايجنسيون کيس گهرن مان کنڀي گم ڪري ٿيون ڇڏنس.
اسان ته اهو ٿا چئون ته جيڪي به 40 لک افغاني آهن اهي جي رڳو 10 لک روزگار جي وسيلن ۽ کاڌ پيت جي سامان تي قابض آهن ته انهن جي ٽَري وڃڻ سان اهي سڀ سيڌا سامان هن ڌرتي جي اصل وارثن کي ملندا يا جيڪي وافر مقدار ۾ به هوندا ته اهي شيون پوءِ ايڪسپورٽ ڪري ڀلا ناڻو ته ڪمائي سگهبو. سوال اهو به آهي ته اهي جيڪي به افغاني آهن اهي جيڪي به انڌيون منڊيون بنيادي سهولتون به استعمال ٿا ڪن ته اهي سڀ مقامي ماڻهن جي ڪم اينديون. يا اسان وٽ ايترو سيڌو سامان آهي به جو جڏهن ٻوڏ ٿي اچي يا جڏهن 2015 ۾ ڪشمير ۽ ڪي پيءَ جي مٿين علائقن ۾ زلزلو آيو ته اتي کائڻ پيئڻ جو سامان به پورو نه هيو يا جيڪي به 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٿا گهرايون اها ڪاڏي ٿي وڃي، اسان جي زرعي علائقن ۾ جيڪا به پيدوار ٿئي ٿي اها ڪاڏي ٿي وڃي، جيڪي به اسپتالن جو سهولتون ۽ روزگار آهن اهي ڪاڏي ٿا وڃن، اسان جي پر ڪيپيٽا انڪم جو ايترو برو حال ڇو آ، 20 سال اڳ يا روس جي ٽٽڻ کان اڳ هن خطي جو حال ڇا هيو ۽ هاڻي جي اهي سڀ افغاني قومون هتي لهي آيون آهن ته هنن هن خطي جي حآلت ڇا ڪئي آهي يا اهي لوڌيل قومون رڳو ووٽ ڏيڻ يا هتان جي ڪرسيءَ جي بکايل سياسي ڌرين جي لاءِ آيون آهن يا مثال جڏهن برمي بنگالي قومون اچن ته سنڌ جي شهرن جون لساني جماعتون انهن کي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ڏين ۽ اهي انهن جي ووٽن جا حقدار بڻجن ۽ هاڻي وري افغاني انهن جي دل جو درد بڻيا آهن. هونءَ سرڪار جي پنهنجي ڊيٽابيس مطابق شهرن ۾ جيڪي به ڏوھ ٿين ٿا انهن ماڻهن کي ان ڪري به نه ٿو پڪڙي سگهجي جو انهن وٽ شناختي ڪارڊ ناهي هوندو. شهر ۾ جيڪي به ٻار رستن تان ڪچرو، لوھ، ۽ ڪٻاڙ جو سامان ميڙن ٿا يا گهر گهر ريڙهي گهمائي وٺن ٿا اهي سڀ جا سڀ (گهڻي ڀاڱي) افغاني آهن. جيڪي به ٻار پورهيو ٿا ڪن اهي سڀ جا سڀ افغاني آهن يا اهي افغاني جيڪي پشتو سکي ڪراچي جهڙي شهر جي پٺاڻ آبادين ۾ رَلي ملي ويا آهن، اهي افغاني جيڪي ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ۽ ڪاٻاڙ جا ڪم ڪري يا سنڌ جي ڳوٺاڻي آبادي ۾ زرعي ۽ لوڊنگ جا ڪم ڪري، سمگلنگ جا ڪم ڪري، نشي آور شيون وڪڻي ايترا ته پيسي وارا ٿي ويا آهن جو اهي ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وسندين ۾ زمين خريد ڪري ويا آهن ۽ اهي اتان جون پٺاڻ آباديون ٿيون سڏرائجن.
هڪ سرڪاري ڊيٽا موجب گذريل 5 سالن ۾ 58 هزار غيرقانوني ماڻهو چوري، ڌاڙن، رستي جي لُٽ ڦر ۾ ملوث رهيا ۽ جنهن جي ڪري پاڪستان جو اميج ٻاهرين ملڪن ۾ خراب رهيو ته پاڪستان غيرمحفوظ ملڪ آهي. يا وري سرڪاري انگ اکرن موجب 80 سيڪڙو اهڙا به ماڻهو ڏوهن ۾ جهليا اٿن جن جي سڃاڻپ مشڪل آهي، ان ڪري ته انهن جي داخلا نادرا وٽ ناهي. وري سعودي ۾ جهليل جيڪي به افغاني آهن اهي سڀ جا سڀ غيرقانوني پاڪستاني شناختي ڪارڊ حاصل ڪري هتان پاسپورٽ ٺهرائي نڪري به ويا. يا جيڪي به فائناشل اداران (ڪمرشل بينڪن) مان لٽ ڦر ٿئي ٿي انهن سڀني ۾ افغاني ملوث آهن جن جي سڃاڻپ ۽ پوئواري مشڪل آهي، ڇو ته اهي ڌاريا ماڻهو ڌاڙا هڻي بارڊر ٽپي هليا ٿا وڃن پوءِ اهڙي صورتحال ۾ افغانين جي حمايت سمجهھ کان مٿانهون آهي.