انور پيرزادي جي سوانح تي لکيل ناول سو به ڪَوِتا ۾؛ اُھو پيارَ جو پورھيو اُھوئي ڪري سگهي ٿو، جنھن جون انور پيرزادي سان ٻٽيهه دليون ڳنڍيون پيون ھُجن. انور پيرزادي سان گهڻن جون ئي محبتون ھونديون، پر محمد علي پٺاڻ جھڙو ،پيارَ، محبت، نينھن ۽ عشق جو ھھڙو اظھار، جيڪو سندس سوچ ۽ قلم جي پرواز ڪري ڏيکاريو آهي، سو اسان کي گهٽ ئي نظر ايندو.
سئو صفحن کان وڌيڪ ھن ناول ۾ انور پيرزادي جي حياتيءَ کي سموھڻ ڪو سولو ڪم ته ناهي. جتي محمد علي پٺاڻ جي مَنَ گهُريي دوست جي جدائي، ھڪ الميو آهي، اتي وري پٺاڻ صاحب جي تخليقي ھنر، انور پيرزادي جي حياتيءَ کي ڄڻ دوام بخشيو آهي.
محمد علي پٺاڻ جي ان ڪاوش لاءِ سندس ساراهه ڪرڻ بنا رھي نٿو سگهجي. جڏهن ڪتاب پڙھندڙن جي ھٿن ۾ ايندو ته سنڌ جي ھڪ اورچ ۽ امر ڪردار جي شخصيت ۽ حياتيءَ جا ڪيترائي نوان پاسا پڙھندڙن آڏو روشن ٿيندا.