هر سال جيان 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين،انساني حقن جو عالمي ڏينهن، عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاءِ 16 ڏينهن جي جدوجهد يا سرگرميون منعقد ڪيون وينديون آهن. 16 ڏينهن وارين سرگرمين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
عورتن جي خلاف تشدد خلاف انهن 16 ڏينهن دوران، سڄي دنيا جا ماڻهو صنفي بنيادن تي تشدد جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ، تعصبي روين کي چيلينج ڪرڻ ۽ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ بهتر قانونن جوڙڻ ۽ برابر سھولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ لاءِ سموري دنيا ۾سرگرميون ٿينديون آھن. واضح رھي ته اھا جدوجھد 1960ع ۾ ڊومنيڪن ريپبلڪ ۾ ٽن ڀينرن جي موت بعد جدوجهد جي شروعات ٿي. 25 نومبر 1960ع تي ٽي ڀينرون، پيٽريا ميرابال، منروا ميرابال ۽ ماريا ميرابال، ڊومنيڪن ريپبلڪ ۾ سياسي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جي ڪري مشهوري ماڻي ورتي.
هنن ٽن ڀينرن پنهنجي ملڪ ۾ فوجي ڊڪٽيٽر رافيل ٽروجيلو جي آمريت جي ظلم ۽ تشدد جي سخت مخالفت ۽ مذمت ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو ٽنهي ڀينرن کي سياسي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي قتل ڪرڻ کان پوءِ کين اوچائي تان اڇلايو ويو. جنھن کان پوءِ اھي ٽئي ڀينرون تشدد جي مزاحمت جي علامت بڻجي ويون، جنھن کان پوءِ 25 نومبر 1980 ۾ لاطيني آمريڪا ۾ عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو ته جيئن انهن جي جانين جي قرباني کي مڃتا طور ياد ڪيو وڃي.
بعد ۾ جون 1991 ۾، سينٽر فار وومينز گلوبل ليڊرشپ 16 ڏينهن جي عالمي مهم جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ صنفي بنيادن تي تشدد جي خلاف، عورتن جي حقن، تشدد جي خاتمي ۽ انساني حقن کي تشريح ڏيڻ تي زور ڏنو ويو.
انهن سالن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ويو ۽ تشدد جي خاتمي ۽ تحفظ جا مطالبا سامهون اچي رهيا هئا، ان پس منظر ۾ گڏيل قومن پاران 1999ع ۾ هن ڏينهن کي باضابطه طور تي عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو. عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي طور تي تسليم ڪيو ويو ان ڪري 16 ڏينهن جي جدوجهد ۽ مهم جي شروعات 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن سان ٿيندي ۽ 10 ڊسمبر تي انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پڄاڻي ٿيندي.
سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن گڏيل قومن جي سهڪار سان 2030 تائين عورتن خلاف تشدد جي خاتمي ۽ برابري جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن 16 ڏينهن واري سرگرميءَ لاءِ نارنجي رنگ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جيڪا روشني ۽ اميد جي علامت آهي، تنهن ڪري مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف سطحن تي شعوري آگاهي جون سرگرميون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ نارنجي رنگ غالب هوندو.
گڏيل قومن 2023ع جي هن 16 ڏينهن واري دوري جو موضوع ”عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ رکيو آهي، جنهن جو مقصد هر ملڪ ۽ ثقافت ۾ عورتن خلاف تشدد ۽ جبر جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. پاڪستان ۾ عورتن جي مجموعي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙين سرگرمين ۽ مٿانهين جدوجهد جي اهميت وڌي وڃي ٿي.
ورلڊ اڪنامڪ فورم جي گلوبل جينڊر گپ رپورٽ موجب جسماني ۽ جنسي تشدد، غيرت جي نالي تي قتل ۽ جبري يا ٻارن جي شادي پاڪستان کي صنفي لحاظ کان بدترين ملڪن مان هڪ بڻجي ويو آهي. 134 ھن وقت ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان 132 هين نمبر تي آهي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ سڀ کان هيٺ آھي.
2022 ۾ پاڪستان ۾ 32 سيڪڙو عورتون تشدد جو شڪار ٿيون آهن. جنھن ۾زبردستي شادي، ڪم جي جڳهه تي جنسي طور حراسان ڪرڻ، گهريلو تشدد ۽ غيرت جي نالي تي قتل جي ذريعي تشدد کي ظاھر ڪيو ويو. اسان جي سماج ۾ ڪم جي جڳهه تي عورتن کي هراسان ڪرڻ عام ڳالهه آهي. سماجي تنظيم الائنس اگينسٽ سيڪسيول هراسمينٽ جي رپورٽ موجب 93 سيڪڙو پاڪستاني عورتون اعتراف ڪن ٿيون ته کين ڪم جي جڳه تي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي هراساني ۽ تشدد کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. چاهي پرائيويٽ هجي يا سرڪاري شعبي ۾ عورتن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو.
باوقار معيار جي زندگي لاءِ هن جدوجهد جي شروعات ڪرڻ تي ميربل ڀينرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته 2023ع تائين هدف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان مناسب قانون سازي تي توجهه ۽ مشاورت به اهم پيش رفت ٿي سگهي ٿي. اچو ته پنهنجو آواز بلند ڪريون ۽ باوقار معيار جي زندگي، تحفظ، آزادي ۽ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريون.