هن وقت هڪ دفعو وري پيپلزپارٽي طرفان ارڙھين آئيني ترميم بابت اهي بيان ڏنا پيا وڃن ته مسلم ليگ ن ارڙھين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ جون تياريون ڪري رهي آھي مسلم ليگ ن انهيءَ ڳالهه جي ترديد ڪئي آھي پر اندروني طرح ڇا ٿي رهيو آھي ان بابت ڪجهه به چوڻ مشڪل آھي. هتي هن وقت اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ھر حڪمران ڌر بي اصولي جي انتها تائين ويندي آھي اهي تجربا ڪافي ڀيرا ڏسڻ ۾ آيا. حڪمران جماعتن اقتدار جي حاصلات لاءِ ھر قسم جي بي اصولي کي پنهنجو اصول ڪري ڇڏيو آھي.
ارڙھين آئيني ترميم ۾ صوبن جي خودمختياري کي وڌايو ويو آھي جيڪو معاملو ٽيهتر جي آئين ۾ ڪنڪرنٽ لسٽ کان ويندي هن وقت تائين گهليبو رهندو آھي. هن ملڪ کي قائم ڪندڙ صوبن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وفاقي جمهوري آئين جي قيام بجاءِ ون يونٽ مڙھي صوبن جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي وفاق جي نالي ۾ سنڌ ۽ بنگال سميت بلوچستان خيبر پختون خواهه جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي انهن جي مادري ٻولين جي حق کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو مطلب هر طريقي بي اصولي ڪئي وئي، فوجي آمريتون قائم ڪيون ويون.
انهن ناانصافين جي ڪري بنگالي مجبور ٿي ايڪهتر ۾ پاڪستان کان ڌار ٿي ويا جبري طرح ڌار ڪيا ويا انهيءَ وڏي سانحي کان پوءِ به ٽيهتر جي آئين کان ويندي ان ۾ ارڙھن ترميمون ڪرڻ باوجود صوبن کي خودمختياري ناهي ملي سگهي. اها نالي ۾ يا نالي ماتر آھي. وفاق جڏھن چاهيندو آھي مداخلت ڪري صوبن جي وسيلن تي ڌاڙو هڻندو آھي ۽ روايتي حڪمران جماعتون بيان بازي جي سطح تائين عوام کي بيوقوف بڻائي وري به پنهنجي اقتدار جي هوص ۾ ڏاڍن جو هر حڪم تسليم ڪنديون آھن. هن وقت به صوبن کي ڪي به وڏا وفاقي جمهوريت جا ڪي اختيار حاصل نه آھن پر ارڙھين آئيني ترميم وسيلي جيڪڏھن ڪي اختيار مليل به آھن ته انهن کي استعمال نٿو ڪرڻ ڏنو وجي ان خلاف ان کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آھن جيڪو انتهائي مذمت جو ڳو عمل آھي.
صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ملڻ گهرجي غير جمهوري آمريتي وفاقيت آپيشاهي ختم ٿيڻ گهرجي. پيپلزپارٽي کي به خالي اليڪشن ۾ پنهنجو دٻاءُ پيدا ڪرڻ بدران کلي اچي ڳالهائڻ گهرجي باقي هن اهم سنجيدا معاملي تي سياسي نعري بازي نه ڪرڻ گهرجي
صوبن ۾ جيڪي اصل ۾ الڳ الڳ قومون آھن انهن جي حقن خودمختياري کي هتي ڪڏھن به تسليم ناهي ڪيو ويو نتيجي ۾ بلوچستان ۾ جمهوري مطالبن کان ڳالهه اڳتي وڌي گوريلا جنگ تائين انتها تي پهتل آھي. خيبر پختون خواهه ۾ پختون تحفظ مومنٽ پي ٽي ايم سخت موقف اختيار ڪيو آھي جيڪو هتان جي اصل حڪمرانن جي لاءِ ھن وقت مصيبت بڻيل آھي. انهيءَ خراب صورتحال ۾ به صوبن جي زمينن معدني وسيلن جي ڦرلٽ زمينن جي والار جي حڪمت عملي جاري آھي جيڪا سخت ناجائزي آھي انهيءَ معاملي تي جدوجهد جي ضرورت آھي.
اهو معاملو هن ڀيري اھڙي وقت ۾ بحث جو عنوان بڻيو آهي جڏهن عام چونڊن ۾ ٽن مهينن کان به گهٽ وقت رھجي ويو آهي، ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي منشور تي ڪم ڪري رهيون آهن. ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي ڪجهه اڳواڻن سان منسوب بيان پاڪستاني ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيا هئا ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ ارڙهين ترميم ۾ تبديلي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، پر پارٽيءَ جي منشور ڪاميٽي جي سربراهه، سينيٽر عرفان صديقيءَ انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي، ۽ پارٽيءَ جي ترجمان، مريم اورنگزيب پڻ ’ميڊيا‘ سان ڳالهائيندي ان تاثر کي رد ڪيو آهي.
ارڙهين ترميم ڇا آهي؟
ھن ترميم ھيٺ 1973 جي آئين ۾ لڳ ڀڳ 100 تبديليون ڪيون ويون ھيون، جن ۾ صدر جا سمورا ايگزيڪٽو اختيار پارليامينٽ کي ڏيڻ، ٻن ڀيرن کان وڌيڪ وزير اعظم رهڻ تي مڙھيل پابندي ھٽائڻ ۽ وفاق کان گھڻي ڀاڱي اختيار صوبن کي منتقل ڪرڻ اھم آهن. ان کان علاوه صوبن کي تعليم، صحت، ثقافت، ماحوليات، خوراڪ ۽ زراعت سميت مختلف شعبن ۾ خودمختياري ڏني وئي، ۽ رياست توڙي آئين سان غداري ۾ ملوث ماڻهن لاءِ وڌيڪ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون ھيون.
آصف علي زرداريءَ جي صدارت واري مدي ۾ منظور ڪيل ھن ترميم بابت ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي ان تي ڳڻتيءَ جا ڪي امڪان سجهن ٿا، ٻين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ھن کي ڇيڙيو ويو ته صوبن ۾ محرومي جو احساس وڌندو.
انساني حقن جي غير سرڪاري تنظيم، ’هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان‘ (ايڇ آر سي پي) جي اڳوڻي چيئرپرسن، حنا جيلانيءَ چيوآهي ته ارڙهين ترميم جو مقصد پاڪستان کي هڪ مضبوط وفاق ڏانهن وٺي وڃڻ هيو. ’وائس آف آمريڪا‘ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ جي اها سوچ آهي ته 18 هين ترميم جي ڪجهه شقن ۾ تبديلي کيس ويتر سگھارو بڻائي ڇڏيندي. ھن چيو ته عمران خان جي دور ۾ به اسٽيبلشمنٽ ’پي ٽي آءِ‘ جي لاءِ ساڳيو ئي موقف اختيار ڪيو هو، پر دراصل ارڙهين ترميم پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ سويلين ڪنٽرول کي تحفظ ڏئي ٿي. حنا جيلاني موجب جن پارٽين تي اسٽيبلشمنٽ سان ويجهڙائيءَ جو الزام آهي، انھن ئي جي سھڪار سان ايندڙ اسيمبليءَ ۾ 18 هين ترميم سان ھٿ چراند جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿي. حنا جيلانيءَ چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيا ويندڙ ڪجھه سياستدان 18 هين ترميم ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿا، پر جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي ائين ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ته ان سان پنھنجي چونڊ مهم کي اھڙو نقصان رسائيندي جنهن جو ازالو نه ٿي سگهندو.
’خدشا دور ڪيا وڃن‘
وائس آف آمريڪا’ سان ڳالهائيندي بچاءَ واري تجزيا نگار، ڊاڪٽر حسن عسڪريءَ جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ان ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.‘ ھن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ڌُر کي 18 هين ترميم جي ڪجهه شقن بابت خدشا آهن ته انهن کي دور ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي. ڪجھ سياسي پارٽين کي خدشا آهن ته صوبن کي گهڻو اختيار ملڻ سان وفاق ڪمزور ٿي ويو آھي. ٻئي پاسي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته 18 هين ترميم سبب وفاق جي آمدني گھٽجي وئي آھي، جنھن جي ڪري اسٽيبلشمنٽ کي اعتراض آهي.
ماھر قانون دان، ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 18 هين ترميم ۾ تبديلي جي ڪوشش ڪئي وئي ته صوبا مزاحمت ڪندا. هن چيو ته گھڻي ڀاڱي سياسي پارٽيون اهڙي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ڪنديون. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ممڪن ناھي بحرحال هر صورت ۾ صوبن کي وڌيڪ خودمختيار ڪيو وجي نه ڪي انهن جا مليل ڪجهه اختيار به کسبا رهجن .
ماھر قانون دان، ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 18 هين ترميم ۾ تبديلي جي ڪوشش ڪئي وئي ته صوبا مزاحمت ڪندا. هن چيو ته گھڻي ڀاڱي سياسي پارٽيون اهڙي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ڪنديون. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ممڪن ناھي بحرحال هر صورت ۾ صوبن کي وڌيڪ خودمختيار ڪيو وجي نه ڪي انهن جا مليل ڪجهه اختيار به کسبا رهجن .