چوڌري فواد حسين اڄڪلهه اڊيالا جيل ۾ آهي، ڪالهوڪي وفاقي وزير کي ڪجهه ڏينهن اڳ مٿي ۽ چھري تي ڪاري ٽوپي پارائي عدالت ۾ آندو ويو، مونکي هن وقت جنرل مشرف جو دور اچي ويو، جڏهن مسلم ليگ (ق) جو ٻج پوکيو ويو تھ جهلم جي ھن جاٽ خاندان چوڌري الطاف جي پٽ فرخ الطاف جي اڳواڻي ۾ ق ليگ ۾ ھليو ويو. چوڌري فرخ الطاف گجرات جي چوڌرين جي ويجهو هو،مٿان وري سندس چاچو افتخار چوڌري لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو، اهڙي طرح چوڌري فرخ جهلم ضلعي جو ناظم ٿيو ۽ چوڌري فواد جو مامو چوڌري شهباز حسين وفاقي وزير ٿي ويو. ان وقت چوڌري فواد جو سياسي ڪردار محدود هو هن جو سڄو زور وڪالت تي هو.
بھرحال جنرل مشرف خلاف عدليھ جي تحريڪ هلي ته ان وقت چوڌري فواد جنرل مشرف جي ويجهو ٿي ويو ۽ بعد ۾ اقتدار ڇڏڻ کان پوءِ هن جي نئين جماعت ۾ شامل ٿي ويو.چوڌري فواد ان جماعت کي مقبول بڻائڻ لاءِ ڪافي سرگرم رهيو پر ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو. جنرل مشرف جي اقتدار ڇڏڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي، آصف زرداري صدر ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ٿيا. چوڌري فواد، گيلاني خاندان جو پراڻو واقفڪار هو، ان لاڳاپي جي حوالي سان وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کيس وزير جي عهدي جي برابر صلاحڪار بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح هو گيلاني صاحب جو ترجمان بڻجي ويو.ان دوران ھن جي بلاول ڀٽو سان بھ نھ لڳي، پر اهو دور به گذري ويو. عمران خان جو ستارو اڀرڻ لڳو، نواز شريف جي ٽين دور جو زوال شروع ٿي ويو ھو، پانامھ ٽرائيل شروع ٿين کان اڳ چوڌري فواد تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو هو.
چوڌري فواد سياست، وڪالت ۽ صحافت ٽنھي شعبن کان واقف ھو، ان ڪري هو پانامھ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي ترجماني ڪندي ڪندي نھ رڳو مقبول ٿي ويو بلڪھ تحريڪ انصاف جو ٿنڀو به بڻجي ويو،چونڊون ٿيون تھ ھن کي نھ رڳو ٽڪيٽ ملي ۽ وفاقي وزيراطلاعات بڻجي ويو بلڪھ ملڪي صحافت جي ڌارا بدلائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿي ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير جي حيثيت سان مان سندس پاليسين جو سخت تنقيد ڪندڙ هئس ۽ کيس چوندو رهيس ته هو جنرل باجوا، جنرل عاصم باجوا ۽ جنرل آصف غفور جي ميڊيا مخالف ايجنڊا کي پروموٽ ڪري رهيو آهي، پر چوڌري فواد اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو. روز اھو بيان ڏيندو ھو ته ميڊيا جو بزنس ماڊل صحيح ناهي. جنرل باجوا چوندو هو ته اينڪرز جون پگهارون اسان کان بھ وڌيڪ آهن، سوچ اھا ھئي تھ ميڊيا جي مالياتي آمدني کي روڪي ان کي پنهنجي طريقي سان هلايو وڃي. ان دوران ڪيترائي لاھا چاڙھا به آيا، چوڌري فواد هميشه جنرل باجوا ۽ مقتدرا جي ويجهو رهيو، اهو ئي سبب وزيراعظم ھوندي عمران خان نه رڳو کيس ٽوڪيندو ھو بلڪھ کيس آرمي جو ماڻهو چئي مذاق اڏائيندو ھو. جنرل باجوا نه رڳو چوڌري فواد کي وفاقي گهرو وزير بڻائڻ جي سفارش ڪئي پر جڏهن عثمان بوزدار کي هٽائڻ جون ڳالهيون پئي ٿيون ته ان وقت حڪمران پارٽي طرفان پسنديده قرار ڏنل نالن ۾ عبدالعليم خان کان علاوه چوڌري فواد جو نالو بھ انھن ۾ شامل هو.
تحريڪ انصاف جي اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ پنھنجي اڳواڻ عمران خان وانگر چوڌري فواد به پنهنجو توازن وڃائي ويٺو ھو.هن پاڪستاني حڪمران جي طاقت کي وساري ڇڏيو ھو ۽ هن جو خيال ھو ته عوام جو سمنڊ طاقتورن سميت سڀني کي لوڙھي کڻي ويندو. ان جذباتي سوچ جي باوجود چوڌري فواد فوج سان وڙهڻ جي حق ۾ نه هو، اهو ئي سبب آهي ته کيس 9 مئي جي پلاننگ ڪندڙ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو ھو.
9 مئي جتي عمران خان جي مقبول سياست کي لوڙھي کڻي وئي، اتي چوڌري فواد جي سياسي ڪيريئر لاءِ به سواليه نشان بڻجي وئي. چوڌري فواد گرفتار ٿيو، گرفتاري کان بچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ٻاھران فرار ٿيڻ جي وڊيو سامهون آئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس تحريڪ انصاف ڇڏڻ جي خبر به سامهون آئي.جنهن ڏينهن هو تحريڪ استحڪام جي پهرين اجلاس ۾ ويو. ان ڏينهن به ھو نھ چاھيندي ويو ھو.ان بعد ان جماعت جي مستقبل تي سواليه نشان ھئڻ ڪري. ان ۾ سرگرم ٿيڻ کان پاسيرو ھو.
چوڌري فواد پنهنجي سئوٽ چوڌري فرخ الطاف کان پري ٿي چڪو ھو، فرخ الطاف ن ليگ ۾ آهي، چوڌري فواد ن ليگ ۾ شامل ٿي نٿو سگهي، تحريڪ استحڪام ھن کي کٽرائي نٿي سگھي. جهلم ۾ آزاد اميدوار جو کٽڻ مشڪل آهي. اهڙي صورت ۾ چوڌري فواد ڪيڏانھن وڃي ؟ ان مونجهارو کيس اڊيالا جيل پھچائي ڇڏيو آهي، ڏسجي ته اهو مونجهارو ڪڏهن ٿو ختم ٿئي ؟
9 مئي جتي عمران خان جي مقبول سياست کي لوڙھي کڻي وئي، اتي چوڌري فواد جي سياسي ڪيريئر لاءِ به سواليه نشان بڻجي وئي. چوڌري فواد گرفتار ٿيو، گرفتاري کان بچڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ٻاھران فرار ٿيڻ جي وڊيو سامهون آئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس تحريڪ انصاف ڇڏڻ جي خبر به سامهون آئي.جنهن ڏينهن هو تحريڪ استحڪام جي پهرين اجلاس ۾ ويو. ان ڏينهن به ھو نھ چاھيندي ويو ھو.ان بعد ان جماعت جي مستقبل تي سواليه نشان ھئڻ ڪري. ان ۾ سرگرم ٿيڻ کان پاسيرو ھو.