زمينن جي کاتن ۾ هيرا ڦيري، فريادي ۽ گواهن جو گهيرو تنگ

ڪراچي (رپورٽر) اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت۾ روينيو کاتي ۾ زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ واري معاملي  جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ جاچ آفيسر رپورٽ پيش ڪندي چيو اسسٽنٽ ڪمشنر ملير ۽ مختيار ڪار ملير سميت 19 ڄڻ کي جوابدارن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آھي .اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ڪيس جي فريادي ۽ گواھن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ زمينن جي کاتن ۾ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ بابت ملير جي ڊي سي آفيس جي ليڊي ريونيو ڪلارڪر شبانه ڪنول خلاف ٻڌڻي ٿي، جاچ آفيسر چيو ته ڪيس جو چالان پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي آفيس ۾ راءِ جي لاءِ جمع ڪرايو آھي، جاچ آفيسر چيو ته زمينن جي کاتن ۾ جعلسازي ۾ فريادي۽ گواهن کي شامل ڪرڻ لاءِ بيان قلمبند ڪيا آھن ۽ چالان ۾ فريادي ۽ شاھدن کي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آھي، جاچ آفيسر چيو ته رشوت وٺندي جوابدار شبانه ڪنول جي وڊيو لاھور فرانزنگ ليبارٽي ۾ چڪاس لاءِ اماڻي آھي ان جي رپورٽ ھڪ ھفتي ۾ اچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.