ڪي اليڪٽرڪ لائسنس جي تجديد، واهپيدارن ۽ صنعتڪارن پاران مخالفت

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي کي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا ۾ بجلي جي ورڇ ۽ فراهمي لاءِ نئي لائسنس جي معاملي ۾ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن، صنعتڪارن ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڪثريت لائسنس جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن پنهنجون تجويزون نيپرا کي جمع ڪرائي ڇڏيون، اٿارٽي ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي مدي ۾ واڌ جي درخواست تي 28 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي. ياد رهي ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي پهريان ئي اسٽيڪ هولڊرز کان راءِ طلب ڪئي هئي. ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن پنهنجي تجويز ۾ چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جو لائسنس ڪنهن ٻي ڪمپني کي ڏنو وڃي. ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) پڻ اليڪٽرڪ ڪار جي لائسنس جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.